Saturday , April 27 2024

سنڌ حڪومت جو وفاق سان ٽيڪسٽائل سٽي بعد اسٽيل ملز جي زمين تي ڦڏو وڌي ويو

PAK logoSindh Govt Logo3

سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ مختل معاملن تي تڪرار وڌي رهيا آهن. پورٽ قاسم ۾ ٽيڪسٽائل سٽي بند ڪرڻ واري وفاق جي فيصلي  بعد پاڪستان اسٽيل ملز کي سنڌ سرڪار پاران مليل زمين تي به ڦڏو ٿي پيو آهي. وفاي سرڪار پاران اسٽيل ملز جي نجڪاري واري فيصلي بعد ان سان لاڳاپيل زمين به وڪرو ڪرڻ واري مامري تان سنڌ حڪومت ميدان ۾ اچي وئي آهي.

سنڌ جي چيف سيڪريٽري وڏي وزير مراد علي شاهه جي صلاح مشوري ۽ منظوري بعد وفاقي سرڪار سان لک پڙهه به شروع ڪري ڏني آهي، جنهن ۾ چٽيءَ طور تي چيو ويو آهي ته اسٽيل ملز واري سموري زمين سنڌ حڪومت جي آهي.

stell mills1

سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته، زخمين سنڌ جي آهي ۽ ان کي ڪنهن اعلان يا اخباري بيان سان تبديل نٿو ڪري سگهجي، سي ايم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوري سان صنعت واري وفاقي سيڪريٽري کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت صنعت وزارت کي اسٽيل ملز جي زمين جي حوالي سان پنهنجي پوزيشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ وڏي وزير چيو آهي ته اسٽيل ملز جي زمين سنڌ حڪومت جي آهي،

CMRizwan Memon

جيڪا سنڌ حڪومت اسٽيل ملز کي آپريشنل مقصدن لاءِ ڏني هئي، هن چيو ته قانوني طور تي جيڪڏهن اسٽيل ملز جي زمين آپريشنل مقصدن لاءِ هئي، ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ ڏني وئي يا استعمال ٿي ته اها زمين پاڻمرادو واپس سنڌ حڪومت جي ٿي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته اسٽيل ملز جي اها زمين سنڌ حڪومت جي آهي ۽ رهندي، ڪنهن جي اعلان يا اخباري بيان سان اسٽيل ملز جي ملڪيت سنڌ حڪومت کان تبديل نه ٿيندي.

ان سلسلي ۾ صنعت ۽ واپار واري مملڪتي وزير صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي مختص ڪيل 1500 ايڪڙ زمين تي سي پيڪ جو صنعتي زون لڳايو ويندو، ڪورنگي انڊسٽريل پارڪ تيار ٿي چڪو آهي، جڏهن ته بن قاسم انڊسٽريل پارڪ تي ڪم جاري آهي، پاڪستان اسٽيل مل صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي 15 سئو ايڪڙ زمين ڏيندي، جنهن ۾ سي پيڪ تحت هڪ وڌيڪ انڊسٽريل پارڪ

Murtiza Jatoi

قائم ڪيو ويندو، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته نئين آٽو پاليسي جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪيتريون ئي ڪارون ٺاهيندڙ عالمي ڪمپنيون پاڪستان ۾ پنهنجا پلانٽ لڳائي رهيون آهن، سي پيڪ تحت 9 ايڪانامڪ زونز قائم ڪيا ويندا، جن ۾ سرمائيڪاري ڪندڙ ڪمپنين کي ڊيوٽي فري ۽ 10 سالن لاءِ ٽيڪس فري مراعتون ڏنيون وينديون، ٻئي پاسي سنڌ حڪومت وفاقي صنعت واري وزارت کي اسٽيل ملز جي زمين جي حوالي سان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوريءَ سان چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ وفاقي صنعت واري سيڪريٽريءَ کي خط لکيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسٽيل ملز جي زمين سنڌ حڪومت جي آهي ۽ سنڌ حڪومت اسٽيل ملز کي زمين آپريشنل مقصدن لاءِ ڏني هئي. هن چيو ته قانوني طور تي جيڪڏهن اسٽيل ملز کي ڏنل زمين آپريشنل مقصدن کانسواءِ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪئي وئي ته اها زمين پاڻمرادو سنڌ حڪومت کي واپس ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اها سنڌ حڪومت جي زمين آهي ۽ سنڌ حڪومت جي ئي رهندي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن جي اعلان يا اخباري بيان سان اسٽيل ملز جي ملڪيت سنڌ حڪومت کان تبديل نه ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *