Friday , April 26 2024

سنڌ جي عوام ۽ سڄاڻ ڌرين جو سخت ردعمل؛ سنڌ ڪابينا سنڌ جي ٻيٽن بابت آرڊيننس رد ڪري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ لاءِ آرڊيننس ذريعي اٿارٽي قائم ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت هئا، آهن ۽ رهندا، سنڌ ڪابينا ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري صدارتي آرڊيننس کي رد ڪري ٿي ۽ ان معاملي تي وفاق سان ڪي به ڳالهيون نه ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اڱاري ڏينهن شام جو 4 وڳي ٿيل هفتيوار اجلاس کانپوءِ صوبائي وزير ناصر شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته، وفاقي حڪومت پاران صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ڏنگي ۽ بنڊار ٻيٽن بابت قائم ڪيل پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام کي سنڌ ڪابينا مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي ان معاملي تي وفاقي سرڪار سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته ته اٿارٽي غير آئيني ۽ غيرقانوني آهي، سنڌ ڪابينا وفاقي سرڪار کان آئيلينڊ اٿارٽي جو آرڊيننس فوري طور واپس وٺڻ جو به مطالب و ڪيو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته آئين جي آرٽيڪل 172 جي سب سيڪشڻ 2 تحت سامونڊي زمينون توڙي ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن، وفاقي سرڪار آرڊيننس جاري ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي آ؟ين حقن جي لتاڙ ڪئي آهي. آرڊيننس ذريعي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وفاقي سرڪار ڪنهن به وقت ٻيٽن کي پنهنجي ملڪيت ۾ شامل ڪري سگهي ٿي، اسان چيو هو ته ٻيٽن جي ترقي لاءِ ڪوبه ڪم ڪرڻ کان اڳ اسان کي آگاهي ڏني ويندي، وفاقي حڪومت اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا آرڊيننس جاري ڪيو، هاڻي وفاق تي ڀروسو نه آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته گورنر کي عقل گهٽ آهي، تنهن ڪري اين او سي جاري ٿيڻ جي باري ۾ بيان ڏنو. هن چيو ته وفاي حڪومت چيو هو ته هُو ٻيٽن تي ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ چاهي ٿو، اسان ترقي ۽ عوام جي ڀلائي جا مخالف ناهيون، انڪري چيوسين ته ٻيٽن تي ترقي لاءِ منصوبا شروع ڪري سگهجن ٿا پر ان سان مقامي ماڻهن، مهاڻن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو.

پاڪستان آئيلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جو قيام، سنڌ حڪومت ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس خاموش

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *