Friday , April 26 2024

سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي جا خواب ڏسندڙ اکيون بند،غلام جسم ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي

حيدرآباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي جا خواب ڏسندڙ اکيون بند نيٺ خوابن جي  ساڀيان پسڻ کانسواءِ ئي بند ٿي ويون؛ سنڌ جو ڏاهو، ليکڪ، دانشور ۽ سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي  جا خواب ڏسندڙ سائين عطا محمد ڀنڀرو 84 ورهين جي عمر ۾ حيدرآباد جي واري پنهنجي گهر ۾ لاڏاڻو ڪري سنڌي ٻولي جو ناميارو ليکڪ، سائين عطامحمد ڀنڀرو کي هڱورجا ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ جنازي نماز اد ڪئي وئي، جنهن بعد سندس مڙهه مٽيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو.سائين عطا محمد ڀنڀرو جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن سوڌو اديبن، علائقي واسين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سائين عطا محمد ڀنڀرو جو مختصر تعارف

عطا محمد ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي تعلقو سوڀو ديرو ضلعو خيرپور ميرس جي ڳوٺ بچل بنڀرو ۾ محمد بخش ڀنڀرو جي گهر ۾ جنم ورتو.هن پرائمري تعليم ڳوٺ حمزي رڪڻائيءَ پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ انگريزيءَ جا پهريان پنج درجن جي تعليم اتڏهوڪي اي.وي اسڪول هڱورجا مان حاصل ڪيائين . مئٽرڪ تائين ٺري ميرواهه جي هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري بعد ۾ خيرپور ميرس جي ممتاز ڪاليج مان بي.اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن ايل.ايل.بيءَ جي تعليم لاءِ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اچي داخلا ورتي. قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جي شروعات گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. جڏهن ته نامياري وڪيل ۽ مشهور شاعر شيخ اياز سان گڏ پڻ هن 1970ع ڌاري ڇهه مهينا ۽ 1980ع ڌاري پڻ ڇهه مهينا وڪالت جي مشق ڪئي.

ادبي خدمتون

عطا محمد ڀنڀري صحافتي خدمتون به سر انجام ڏنيون. هن لڳ ڀڳ 1967ع ڌاري ”هوشو“ رسالو جاري ڪيو، جنهن کان پوءِڊي. پـي. آر لاڳـو ٿـي ۽ ”هـوشـو“ رسـالـي جـو آخـري پـرچــو 1974ع ۾ پڏرو ٿـيـو. انهــيءَ دوران ڀـنـڀـري صـاحـب جــون ڪهـاڻـيــون ۽ لکڻيون ”هوشو“ سميت ٻين رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون. 1980ع ۾ هن ٻارن لاءِ هڪ ايراني ادب جو ڪتاب اُلٿو ڪيو ۽ اهڙي طرح انگريزي توڙي روسي ٻولين مان به ٻارن جي ادب جا بهترين ڪتاب ترجما ڪيائين. ڀنڀري صاحب 1983ع ۽ 1986ع واري ايم.آر.ڊي تحريڪ جي شهيدن تي شاعري پڻ ڪئي. 1989ع ڌاري هيءُ حيدرآباد ۾ اچي رهائش پذير ٿيو۽ اُنهيءَ سال هن ”هينري ڪزنس“ جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي سان ترجمو ڪيو. اهڙي ريت هن ترجمي جي فن کي باقاعدي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. هن “سنڌ جو مهراڻ” نالي ڪتاب پڻ انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو. سندس هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن.عطا محمد ڀنڀرو سنڌُو لکت تي پڻ ڪم ڪيو آهي جيڪو ڪتابي شڪل ۾ بڌرو ٿيل آهي.[

عطا محمد ڀنڀرو جا ڇپيل ڪتاب

ڀٽ جو شاهه، ايڇ. ٽي. سورلي – سنڌيڪا: 1992ع

سنڌو لکت ۽ ٻولي، ايس. آر. راءُ – سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1994ع

سنڌ جو مهراڻ، ايڇ. جي. راورٽي – سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1995ع

سنڌو لکت جون بين القوامي لکتن سان لاڳاپو، جي. آر هنٽر – سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو: 1995ع

سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي، اين. جي. محمدار -سنڌي ادبي بورڊ: 1997ع

سنڌوءَ جو سفر، اليگزينڊر برنس – سنڌيڪا:1998ع

سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي، ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي – سنڌيڪا: 1998ع

سنڌو شينهن درياهه، جيئن فيئرلي – سنڌيڪا: 1999ع

سنڌ بابت انگريزن جي حڪمت عملي، سي. ايل. ماڙيوالا – سنڌ تحقيقي بورڊ: 1999ع

حرگوريلا جنگ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ – نيو فيلڊس پبليڪيشن: 2000ع)

سنڌ جي تاريخ مؤرخن جي زباني، ايڇ. ايم. اليٽ – نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد:2000ع

سڪندر جي ڪاهه، ايرين – روشني: 2000ع

سنڌ جي فتح، ليفٽيننٽ آئوٽرام – سنڌيڪا: 2001ع

سنڌوءَ جو موهه، جنرل سرجارج ميڪمين – سنڌ تحقيقي بورڊ: 2002ع

تاريخ جا سبق، ول ڊيورانٽ -روشني:2002ع

سنڌ جا قديم آثار، هينري ڪزنس – سنڌي ادبي بورڊ:2004ع

ٺٽي جا اسلامي درسگاهه، ڊاڪٽر احمد حسن داني – سنڌي ادبي بورڊ:2004ع

ٺٽي جا ڪاتب، محمد عبدالغفور – سنڌي ادبي بورڊ:2004ع

سنڌ جيئن مون ڏني، ٽي. پوسٽنس –  سنڌيڪا: 2005ع

سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر، مائيڪل جينسن – سنڌيڪا: 2005ع

سنڌ ڏکويل ماٿري، رچرڊ برٽن – روشني پبليڪيشن: 2006ع

سنڌ هند جي قديم جاگرافي، ليگزينڊر ڪننگهام – سنڌي ادبي بورڊ:2007ع

سنڌ جي عظيم ڏاهي سائين عطا محمد ڀنڀرو پاران ڪيل وصيت

1-مان عطا محمد (محمد بچل) پٽ محمد بخش پنهنجي عمل ،تعليم مطابق سوچي سمجهي پنهنجي اولاد ۽ ويجهن دوستن لاء جاء وصيت ڇڏي وڃان ٿو ته منهنجي جنازي جي نماز نه پڙهائي وڃي، ڇاڪاڻ ته مان اسلام کي وڏو فريب ۽ ڪوڙو مذهب سمجهان ٿو،

2-قبر جي سامي ۾ رکڻ کان اڳ سيني کان مٿئين پاسي واري ڪفن جو حصو کولي سينو ۽ منهن ظاهر ڪري مون کي اونڌي منهن فدن ڪيو وڃي،انهي مقصد مان ته جيئن منهنجو سينو ڌرتي ماتا سنڌ جي ڇاتي سان ملي سگهي، ۽ منهنجو وات ڌرتي ماتا سنڌ کي هميشهه چمندو رهي،

3-منهنجي قبر جي مٿئين پاسي جي اوساري پڪ سرائين ۽ سيمينٽ سان ٿيڻ گهرجي،ان جي چوڌاري مضبوط لوها زنجير ڦيرائي سيمنٽ جي اوساري سان سوگها ڪيا وڃن. جڏهن منهنجي جيجل ماتا سنڌ آزاد ٿي وڃي، ته منهنجي قبر تان زنجير لاهي ان کي ان کي آزاد ڪيو وڃي.

4-قبر جي مٿن کان هنن لفظن سان پٿر جو ڪتبو نصب ڪيو وڃي ته هتي سنڌ ماتا ڌرتي جي مٽي جو هڪ غلام پنوڙ دفن آهي،جنهن جي قبر سنڌ ماتا جي آزاد ٿيڻ تائين زنجيرن ۾ جڪڙيل رهندي،

وصيت لکندڙ

عطا محمد ڀنڀرو

تاريخ 12 نومبر 2012

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *