Friday , April 26 2024

سرينا قاضي فائز عيسيٰ؛ وزيراعظم، سميت اهم حڪومتي ذميوارن جي انڪم ٽيڪس جا تفصيل گهري ورتا

وزيراعظم عمران خان، قانون واري وزير فروغ نسيم، اثاثه رڪوري يونٽ جي چيئرمين مرزا شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر محمد اشفاق ۽ شڪايت ڪندڙ عبدالوحيد ڊوگر جا انڪم ٽيڪس جا تفصيل ڏنا وڃن: سرينا قاضي

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ     سنڌ سماچار) سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر وارفي سرينا قاضي فائز عيسيٰ وزيراعظم عمران خان، قانون وارفي وفاقي وزير فروغ نسيم، اثاثه رڪوري يونٽ جي چيئرمين شهزاد اڪبر سميت اهم حڪومتي ذميوارن جي انڪم ٽيڪس جا تفصيل ڏيڻ جي گهر ڪندي الزام هنيو آهي ته، سندس خفيه ۽ قانوني تي محفوظ انڪم ٽيڪس ۽ بئنڪ رڪارڊز تائين غيرقانوني طريقي سان پهچ حاصل ڪئي وئي، انڪري هوءَ به اهڙن ماڻهن بابت اهڙي ئي معلومات وٺڻ چاهي ٿي جن کي اُهي تفصيل مهيا ڪيا ويا هئا. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري جو هي بيان انڪم ٽيڪس آرڊيننس (آءِ ٽي او ) 2001 جي شق 122(9) ۽ سيڪشن 111(1) (بي) مطابق 21هين آگسٽ تي ڪمشنر آءِ آر ايف بي آر پاران جاري ڪيل نوٽيسز جي سلسلي ۾ 28هين آگسٽ تي جمع ڪرايل جواب ۾ اهو بيان جمع ڪرايو آهي. ان ئي سلسلي ۾ هڪ انگريزي اخبار به خبر شايع ڪئي آهي.

ذريعن موجب سرينا فائز عيسيٰ قاضي پنهنجي جمع ڪرايل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته، “ مان انهن ماڻهن جي معلومات حاصل ڪرڻ جي خواهش رکان ٿي، جن کي منهنجي ڳجهي معلومات تائين پهچ هئي يا انهن  کي ان معلومات تائين پهچ ڏني وئي، خاص طور تي وزيراعظم عمران خان، قانون واري وزير فروغ نسيم، اثاثه رڪوري يونٽ جي چيئرمين مرزا شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر محمد اشفاق ۽ شڪايت ڪندڙ عبدالوحيد ڊوگر انهن ۾ شامل آهن”. سرينا قاضي پنهنجي بيان ۾ الزام هنيو ته، “ انهن کي انڪم ٽيڪس جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهي عوامي عهدي تي رهيا آهن يا وري اهڙو عهدو سنڀاليو ويٺا آهن، انهن مان هڪ سرڪاري ملازم آهي ان ئي منهنجي خلاف شڪايت ڪئي هئي ته آئون ۽ منهنجي گهر ڀاتين ٽيڪس ادا ناهيون ڪندا”.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري جو هي بيان انڪم ٽيڪس آرڊيننس (آءِ ٽي او ) 2001 جي شق 122(9) ۽ سيڪشن 111(1) (بي) مطابق 21هين آگسٽ تي ڪمشنر آءِ آر ايف بي آر پاران جاري ڪيل نوٽيسز جي سلسلي ۾ 28هين آگسٽ تي جمع ڪرايل جواب ۾ اهو بيان جمع ڪرايو هو، سرينا قاضي جي ان ئي بيان موجب، هن جي هڪ نجي شخصي حيثيت آهي، جهن وٽ ڪڏهن به ڪو سرڪاري عهدو ناهي رهيو، گذريل ٻن سالن دوران ٽيڪسز جي مد ۾ 8 لک 9 هزار 970 رپيا ۽ 5 لک 76 هزار 540 رپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *