Saturday , April 27 2024

سانا پاران تلهار جي مستحقن کي سيڌو ڏنو ويو، سماجي وٿي برقرار

سانا پاران تلهار ۾ لاڪ ڊائون متاثرن ۾ سيڌو ورهايو ويو

تلهار(رپورٽ: منور لاشاري   سنڌسماءَچار) سانا پاران ڪرونا جي وبا دوران لاڪ ڊائون سبب متاثر ٿيندڙ پورهيتن ۽ مستحقن ۾ سيڌو سامان ورهايو ويو، چانري جي پنجاهه پورهيتن کي هڪ مهيني جو سيڌو مهيا ڪرڻ دوران سماجي وٿي کي به قائم رکيو ويو. تلھار لڳ چانري ۾ سنڌي ائسوسيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) پاران پنھجي سنڌ واسين کي وبائي صورتحال ۾ به ياد ڪري لاڪ ڊائون دوران تلهار ويجهو چانري جي رهواسي پورهيتن ۽ مستحق ماڻهن لاءِ هڪ مهيني لاءِ کاڌي پيتي جو مڪمل سامان مهيا ڪيو ويو. سانا پاران بدين جي تلهار واري علائقي جي ڳوٺ چانري ۾ سيڌو ورهائڻ دوران سانا جي رضاڪارن فهيم ميمڻ، منظور آريسر، وقار ھرچند سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته، سانا جي دوستن جا ٿورائتا آهيون جن پنھجي غريب سنڌي ڀائرن لاءِ لاڪ ڊائون جهڙي ڏکئي صورتحال ۾ پنهنجي وطن واسين کي ناهي وساريو ۽ سندن مدد لاءِ سيڌو سامان مهيا ڪرڻ لاءِ پرڏيهه مان ويهي ديس واسين جي مدد ڪري رهيا آهن . هنن اميد ظاهر ڪئي ته، سانا ساڳي ريت سنڌ ۾ مسڪينن مستحقن لا۽ ڪوششون جاري رکي سنڌين جو سھارو بڻجندي. اسانکي فخر آھي ته سانا نارٿ آمريڪا مان به ھن وبائي بحران ۾ ھن ڏکائتن ڏينھن ۾ اسان غريب سنڌين کي ياد ڪيواوهان دنيا ۾ ڪٿي به هجو، پر سنڌ کان پري رهڻ نه ڏيندو. سيڌو حاصل ڪندڙ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ٿيڻ ڪري سندن گهرن جون چلهيون وسامي رهيون هيون، جن کي سانا جي سهڪار سان ٻيهر ٻاريو ويو آهي، کين بنا ڪنهن تڪليف جي ڪرونا کان بچاءَ ليءِ سماجي وٿي جي اصولن تحت عزت ۽ احترام سان سيڌو ڏنو ويو آهي، هنن کيو ته اسان اميد ڪيون ٿا ته سانا ٻين غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ سيڌو مهي ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *