Friday , April 26 2024

رائو انوار کي پنهنجي بچاءَ ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي ( رپورٽر     سنڌ سماءَ چار) پاڪستان پيپلز پارتي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، نقيب الله محسود واري معاملي ۾ ايس ايس پي رائو انوار کي پنهنجي بچاءِ ۾ صفائي جو موقعو ملڻ گهرجي. سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پوليس تي پابندي لڳڻ گهرجي، ڪراچي ۾ مبينا مقابلن جو نوٽيس وٺندي سنڌ سرڪار تڪڙي ڪارروائي ڪئي. ڪراچي ۾ آن لائين ميمبرسازي لاءِ پارٽي جي ويب سائيٽ جو افتتاح ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ مبينا مقابلن جو نوٽيس وٺندي سنڌ سرڪار فوري ايڪشن کنيو آهي، ايس ايس پي رائو انوار کي به دفاع جو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ کان وڌيڪ جڙتو پوليس مقابلا ٻين صوبن ۾ ٿي رهيا آهن، سموري ملڪ ۾ پوليس مقابلن تي پابندي لڳڻ گهرجي. سنڌ اندر ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان عوام جي خدمت ڪرڻ واري سياست تي يقين رکون ٿا، لاهور واري جلسي ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو پيپلزپارٽي جا هئا. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان هميشه گار گند جي سياست ڪئي آهي، پيپلز پارٽي نوجوانن کي بهتر سياسي ڪلچر ڏيڻ چاهي ٿي. هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سدائين پنهنجي انا ۽ ضد سبب اپوزيشن کي ورهائيندو رهيو آهي .

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *