Saturday , April 27 2024

ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا، ملڪ رياض جي ناٺي کان ڏوڪڙ ورتا، ريفرنس داخل

ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا، منظور قادر ڪاڪا ۽ زين ملڪ خلاف 617 ملين رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل

سلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب جي ڊي اي اڳواڻ ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا، ملڪ رياض جي ناٺي زين ملڪ، ايس بي سي اي جي اڳوڻي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا خلاف 16 سئو 17 ڏهائي 8 ملين جي ڪرپشڻ جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته سمورن جوابدارن خلاف غير قانوني پلاٽ ۽ زمين جي الاٽمينٽ جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. نيب راولپنڊي سنڌ ۾ ٿيل ڪرپشن جو هڪ وڌيڪ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽ بئريسٽر حسنين مرزا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا، بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي ناٺي زين ملڪ ۽ اومني گروپ جي عبدالغني مجيد کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي. نيب ترجمان موجب  انهن سميت ريفرنس ۾ 16 جوابدار شامل آهن. هنن تي الزام آهي ته ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ نهرخيام ۽ ان جي ڀرپاسن واري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪئي وئي. جنهن سان قومي خزاني کي 6 سئو 17 ملين رپين کان وڌيڪ جو نقصان پهچايو ويو.

بلاول ايم ڪيو ايم جي باني جي تقريرن تي پابندي کي غلط عمل قرار ڏئي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *