Tuesday , March 19 2024

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد

داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي هئي، حڪومت پاڪستان جي ويزن 2025 پروگرام جي حصي طوران جي فزيبلٽي جو اڀياس 2009 ۾ مڪمل ڪيو ويو.

پيپلزپارٽي، ن ليگ، جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ کي ته ڇڏيو پر افسوس ۽ تعجب ته تڏهن ٿيندو آهي جڏهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ به ڪوٽڙي ڊائون  اسٽريم، واري معاملي مان ائين هٿ ڪڍي ڇڏيو آهي جيئن ڪو مٿي کي پاڪي ڏياري ڦڻي رکڻ ڇڏي ڏيندو آهي.

چشما جهلم لنڪ ڪئنال کان گريٽر ٿل ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو، منصوبن جن کي پيپلزپارٽي، ن ليگ، جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، اي اين پي سميت سڀني سياسي جماعتن جي حمايت حاصل رهي آهي، انهن جي حڪومتن هنن منصوبن کي مڪمل ڪيو يا مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا. سنڌ جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين تباهه ٿي وئي، لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا ۽ سلسلو اڃا جاري آهي، هاڻي ته مورڳو هنن سنڌ جي جياپي سنڌو درياءَ جو رخ ئي موڙي ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ پيپلزپارٽي کان ن ليگ، جي يو آءِ ايم ڪيو ايم کان ڪنهن به ٻي سياس ڌر تائين جيڪو به چون ته اهو صرف تجربو آهي پر اهي تجربا ئي اڳتي هلي مستقل منصوبا بڻجي سنڌ جي تباهي ۽ بربادي جو ڪارڻ بڻيا آهن.

داسو ڊيم ۽ هائڊو پاور پلانٽ منصوبي جو خاڪوپهريون ڀيرو 2001 ۾ پرويز مشرف جي حڪومت ۾ باصظا طور شرو ڪيو ويو، جنهن جي مختلف رپورٽس وغير تي ڪم ٿيندو رهيو، جيڪو اڳتي هلي، ٻيو مرحلو آيو ان جي فزيبلٽي رپورٽ سان گڏ ٻين لاڳاپيل معاملن جي منظوري جو جيڪو 2009 ۾ مڪمل ٿيو ۽ تڏهوڪي پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت داسو ڊيم ۽ پاور منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ منظور ڪئي وئي.

داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي هئي، حڪومت پاڪستان جي ويزن 2025 پروگرام جي حصي طور. فزيبلٽي اڀياس 2009 ۾ مڪمل ڪيو ويو.

داسو هائيڊرو پاور پروجيڪٽ (ڊي ايڇ پي) ۾ خيبر پختونخواه جي ضلعي ڪوهستان ۾ داسو شهر ڀرسان قائم ڪيو ويو آهي، هن منصوبي مان چار هزار 320 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي. منصوبي تي 2018 ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت

29 مارچ 2014 تي نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ منصوبي جي منظُري ڏني وئي، منظوري ۾ منصوبي تي ٿيندڙ خرچ، ٺيڪا، پيٽي ٺيڪا وغيره ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، منصوبي تي 4.278 بلين ڊالر خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو.

پرويز مشرف جي حڪومت کان  شروع ٿيل منصوبو پيپلزپارٽي جي حڪومت کان ٿيندو سمورا مرحلا سموريون گهرجون پوريون ڪندو بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي ن ليگ جي 2014 واري حڪومت تائين پهتو. مشرف جي شروع ڪيل هن منصوبي باضابطا اڏاوت لاءِ پيڙهه جو پٿر ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف رکيو. 25 جون 2014ع تي داسو ڊيم ۽ داسو پاور پلانٽ جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. منصوبي جي اڏاوت لاءِ سمورا ٺيڪا  جي پهرين ڇهه ماهي ۾ الاٽ ڪيا ويا، ٻيون لاڳاپيل گهرجون پروريون ڪرڻ بعد ن ليگ جي حڪومت ۾ ئي 2017 دوران هن منصوبي جي اڏاوت شروع ٿي وئي.

ڪي پي جي ڪوهستان ضلعي جي داسو شهر ڀرسان سنڌو درياهه تي تعمير ٿيندڙ هن منصوبي ۾ سنڌو درياهه جو قدرتي وهڪري وارو منصوبو به شامل هو، پر مشرف جي حڪومت ۾ ويٺل لياقت جتوئي، ارباب رحيم، غوث بخش مهر، گهوٽڪي جا مهر ڀائر، ٺٽي جا شيرازي لاڙڪاڻي وارا انڙ سڀ خاموش  هئا، ن ليگ جي حڪومت دوران به سيد شاهه محمد شاهه به چپ هيو، جيڪو اڃا تائين خاموش آهي، هن جي مجبوري وري اها آهي ته آصف زرداري سان به سندس واسطا آهن.

داسو هائڊو پاور منصوبو ۽ ڊيم وارو پلان پاڻي واري وزارت جي ماتحت واپڊا ڪمپني جي ويزن 2025 منصوبي کي 2025 ۾ مڪمل ٿيڻو آهي، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ سنڌو درياءَ جو قدرتي وهڪري جو رخ هٿرادو ٺاهيل ٽنل ذريعي موڙيو ويو آهي. هن ٽنل کي دانشور ائين به پيش ڪري رهيا آهن ته اهو تجرباتي طور ڪيو ويو آهي، مستقل بنيادن تي سنڌو جو رخ ناهي موڙيو ويو؛ جي ها بلڪل هي به پيپلزپارٽي جي حڪومتن دوران ٺاهيل چشما جهلم لنڪ ڪئنال، گريٽر ٿل ڪئنال به فلڊ ڪئنال هئا جيڪي صرف ٻوڏ جي صورت ۾ وهائڻا هئا، هاڻي انهن کي هڪ ڏينهن لاءِ ته بند ڪري ڏيکاريو ته ڏينهن جا تارا نظر اچي وڃن اوهان کي. هي سڄو ڊرامو ڪالاباغ ڊيم جي ناڪامي کانپوءِ شرو ڪيو ويو آهي، هاڻي هي جنهن بهوقت ۽ جڏهن به چاهين پنهنجي مرضي سان پاڻي ڏيندا چاهيندا ته سڪائي ماريندا.

سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين ۽ ان سبب تباهين جو راڳ ڳائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيري رحمان ڪٿي به اهو ذڪر نه ٿا ڪن ته سنڌو درياءَ ۾ گهرج مطابق پاڻي نه ڇڏڻ سبب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن سان لڳندڙ سامونڊي پٽي تي هڪ مهتاط اندازي مطابق 50 لک ايڪڙ زمين ( 2016/17 جي هڪ سروي مطابق 40 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين) سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، اها زمين ڪا غير آباد يا آبادي جي لائق نه هئڻ واري نه هئي، ان جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو آباد زرخيز زمين ۽ باقي انساني آبادي هئي. ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي نه وڃڻ سبب سمنڊ اڃا به وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن جي اها ئي رفتار رهي ته ايندڙ 20 سالن ۾ ڊائون اسٽريم جو جيڪو حشر ٿيندو ان جو اندازو ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي.

پيپلزپارٽي، ن ليگ، جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ کي ته ڇڏيو پر افسوس ۽ تعجب ته تڏهن ٿيندو آهي جڏهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ به ڪوٽڙي ڊائون  اسٽريم، واري معاملي مان ائين هٿ ڪڍي ڇڏيو آهي جيئن ڪو مٿي کي پاڪي ڏياري ڦڻي رکڻ ڇڏي ڏيندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *