Friday , April 26 2024

جي آءِ ٽي رپورٽ: آصف زرداري پاران 26 ڊسمبر تي اهم اعلان ڪندو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) آصف زرداري جي آءِ ٽي جي رپورٽ بابت 26 هين ڊسمبر تي نئونديرو هائوس ۾ ايندڙ لائحه عمل بابت فيصلو ڪندو، 27هين ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي واري جلسي4 ۾ اعلان ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر ۽ مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ شهزاد اڪبر جي موجودگي ۾ تيار ٿي، جيڪا ظاهر ڪري عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي وئي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻن چيو ته نيب عليم خان، پرويز خٽڪ ۽ ٻين کان سوال جواب نه ٿي ڪري، ملڪ ۾ ون يونٽ مڙهڻ پي ٽي آءِ جي ايجنڊا آهي. پ پ اڳواڻن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر کي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي. هنن چيو ته چئن اڳوڻن خلاف ڪيسز هلن ٿا پر آئين ٽوڙيندڙ پرويز مشرف کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي. پ پ اڳواڻن چيو ته پ پ قيادت لاءِ ڪيس ۽ الزام نئين ڳالهه ناهي، ڪيس به وڙهنداسين ۽ رستن تي به اينداسين. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اپوزيشن جماعتن سان رابطي ۾ آهيون، جي آءِ ٽي رپورٽ بابت 26 ڊسمبر تي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *