Friday , April 26 2024

جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته آءُ گئس جي فراهمي بند نه ٿو ڪري سگهان ته اها ان جي ڀُل آهي، ڇو ته اهڙو اختيار مونکي ملڪ جي آئين ڏنو آهي: مراد علي شاهه

Murad shah wahurr2

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته آءُ گئس جي فراهمي بند نه ٿو ڪري سگهان ته اها ان جي ڀُل آهي، ڇو ته اهڙو اختيار مونکي ملڪ جي آئين ڏنو آهي، نوري آباد پاور پلانٽ لاءِ هڪ ارب رپين جي بئنڪ گارنتي ڏيڻ لاءِ ٿيار آهيون، وزيراعظم سنڌ ڀلي اچي پر کيس  سنڌ جي عوام جي خدمت به ڪرڻ گهرجي.

وڏي وزير مراد علي شاهه  ڳوٺ واهڙ ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پنهنجي والد سيد عبدال الله شاهه جي ڏهين ورسي کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، سنڌ حڪومت نوري آباد پاور پلانٽ لاءِ هڪ ارب رپين جي بئنڪ گارنتي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪو ائين سمجهي ٿو ته آءُ گئس ڏيڻ بند نه ٿو ڪري سگهان ته اُها ان جي ڀُل آهي ڇاڪاڻ ته اهڙو اختيار مونکي آئين ڏنو آهي.

هن چيو ته سينٽ جي چيئرمين سرڪاري پروٽوڪول واپس ڪري صحيح ڪيو  آهي، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ جي وفاقي وزيرن ملڪ کي پنهنجي جاگير سمجهيو آهي، ن ليگ جي وفاقي وزيرن ڪڏهن به پارليامينٽ ۽ کي اهميت ئي نه ڏني آهي.

مراد علي شاهه چيو ته علي شاهه چيو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني جي اختيارين کي غير ذمينوارانه بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اهڙو رويو اختيار ڪندا ته، اهو سندن لاءِ ئي بهتر نه ٿيندو.

مراد علي شاهه چيو ته ملڪ ملندڙ گئس سڀ کان وڌيڪ سنڌ مهيا ڪري ٿي، هر صوبي مان نڪرندڙ گئس تي سڀ کان وڌيڪ حق لاڳاپيل صوبي جو آهي.

هن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ وفاق آڏو آواز اٿاريندو رهندس،جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته هُو حق گهرڻ کان اسان کي خاموش ڪرائي ڇڏيندو ان ۾ کيس مايوسي ٿيندي.

مراد علي شاهه چيو ته نواز ليگ جي حڪومت سنڌ جي ماڻهن کان انتقام وٺي رهي آهي ڇو ته سنڌ جي ماڻهن هميشه ن ليگ کي رد ڪري پ پ کي ووٽ ڏنو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *