ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي تعليم کاتي استادن جي تربيت جي ٻن ادارن کي ضم ڪري هڪ ادارو بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ تعليم کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ استادن جي تربيت جي ٻن ادارن نصاب ۽ اسَيسَمَينٽ کي گڏ ڪري هڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ شاگردياڻين جي انرولمينٽ وڌائڻ لاءِ کين گهر کان اسڪول تائين پهچائڻ لاءِ گاڏيون هلائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران کاتي ۾ ڀرتين جي پاليسي جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي. تعليم کاتي جي اجلاس ۾ بجيٽ کي ضروت موجب استعمال ڪرڻ سميت ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ سائنس ميوزم قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
Check Also
سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري
ٺٽو ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …