Saturday , April 27 2024

تعليم کاتي جي وزارت ۽ سيڪريٽري شپ جو تڪرار

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ تعليم ۽ ثقافت کاتي جي وزير سردار شاهه ۾ اختلاف تيز

تعليمي ادارا کولڻ بابت وڏي وزير ۽ سردار شاهه جا بيان به هڪٻئي جي ابتڙ، سنڌ جا کاتا تبديل ٿيل وزير، نوان ۽ صلاحڪار پسند جا ڪامورا رکرائڻ تان هٿ کڻي ويا

 

ڪراچي ( رپورٽ اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ ڪابينا جي وزيرن ۽ صلاحڪارن پاران پنهنجي پنهنجي کاتي لاءِ پسند جا سيڪريٽري مقرر ڪرڻ واري خواهش وڏي وزير کي ڪاوڙائي وڌو، سيڪريٽريز تبديل ڪرڻ کان انڪار، ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملو تعليم کاتي جو سيڪريٽري تبديل ڪرڻ تان بگڙيو، وڏي وزير سيڪريٽريز جي تبديلي کي روڪي ڇڏيو، تعليم کاتي جي وزير کي به سخت هدايتون. تفصيل موجب هلندڙ مهيني آگسٽ جِي پنجين تاريخ تي سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پئماني تي ڦير ڦار ڪري 4 نوان وزير مقرر ڪرڻ ۽ چئن اهم وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي، وڏي وزير پنهنجا صلاحڪار ۽ خاص معاون / اسپيشل اسسٽنٽس مقرر ڪيا هئا. ۽  خاص معاون شامل ڪيا ويا.

نوان وزير، صلاحڪار ۽ خاص مددگار مقرر ٿيڻ ۽ ڪجهه وزيرن جا کاتا تبديل ۽ اضافي قلمدان ملڻ کانپوءِ واري صورتحال بابت سنڌسماءَچار پاران گڏ ڪيل ڄاڻ مطابق، اضافي قلمدان مليل ڪابينا جي ميمبرن، نون وزيرن ۽ کاتا مليل صلاحڪارن پاران پنهنجي  پنهنجي کاتي جي من پسند سيڪريٽرين سميت ٻين ڪامورن جي مقررين ۽ بدلين لاءِ چيف سيڪريٽري ۽ وڏي وزير سان رابطا ڪيا ويا. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، وڏي وزير مراد علي شاهه جي سخت مخالفت باوجود ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاهه کي تعليم کاتي جو اضافي قلمدان ڏنو ويو، سعيد غني کان تعليم کاتي جو قلمدان واپس وٺي ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاهه کي تعليم جو به قلمدان ڏيڻ تي وڏو وزير راضي نه هو، جنهن جو اظهار هن بلاول ڀٽي زرداري سان ڪيو پر بلاول کيس اهو چئي سندس ڪا به مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هُو پنهنجي والد آصف زرداري ۽ پڦي فريال ٽالپر جي حڪم خلاف ڪجهه نٿو ڪري سگهي، تعليم کاتي جو اضافي قلمدان سردار شاهه کي ئي ڏيڻو پوندو.

ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، آٻپاشي، خوراڪ، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز سميت تبديل ٿيل کاتن، اضافي کاتا حاصل ڪندڙ اڳ موجود وزيرن، نون وزيرن، کاتا مليل صلاحڪارن نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي پنهنجي کاتي جو سيڪريٽري ۽ اهم عهدن جي ٻين ڪامورن لاءِ پنهنجي من پسند ڪامورن کي مقرر ڪرائڻ لاءِ وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سان رابطو ڪيو.جنهن تي وڏي وزير في الحال ڪنهن به سيڪريٽري سميت ٻين ڪامورن جي تڪڙين بدلين ۽ مقررين کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي ڪجهه وزير ۽ صلاحڪارن وڏي وزير جي چوڻ تي عمل ڪندي خاموشي اختيار ڪئي.

تعليم کاتي جو قلمدان سنڀاليندڙ سيد سردار شاهه پيپلزپارٽي اهم اڳواڻ معرفت تعليم کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو جي موڪل تي پرڏيهه ويل هجڻ بعد عارضي طور مقرر سيڪريٽري کان اضافي چارج واپس وٺرائي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري پنهنجي انتهائي اعتماد ۽ راضدار اڪبر لغاري کي تعليم کاتي جي اضافي چارج ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن تي چيف سيڪريٽري به اعتراض واريو هو ته وڏي وزير منع ڪئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار شاهه سيڪريذٽري احمد بخش ناريجو کي بدلي ڪرائي سندس جاءِ تي من پسند سيڪريٽري مقرر ڪرائڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيو آهي. جنهن تي وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ وفاقي حڪومت جي هڪ بااثر شخصت ناراض آهي، مليل معلومات مطابق وفاقي حڪومت جي ان بااثر شخصيت وڏي وزير کي خاطري ڪرائي آهي ته تعليم کاتي جو قلمدان واپس وٺرايو ويندو، ايستائين تعليم کاتي ۾ اهم عهدن تان ڪنهن به ڪاموري کي بدلي ٿيڻ به نه ڏنو ويندو، جيڪڏهن احمد بخش ناريجو پنهنجي مرضي سان تعليم کاتي مان وڃڻ چاهيندو ته پوءِ کيس نه روڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *