Saturday , April 27 2024

باقراڻي: نيب ٽيم جو ٻئي ڏينهن به ٽي ايم اي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ جي جاچ پڙتال، جمعي تي ٻيهر رڪارڊ جاچيو ويندو: نيب عملدار

باقراڻي: نيب سکر جي ٽيم ترقياتي اسڪيمن جي جاچ لاءِ ٻئي ڏينهن به ٽي ايم اي آفيس باقراڻي پهتي، 2010 کان 2016 تائين ٿيل ترقياتي اسڪيمن جي آن اسپاٽ انڪوائري شروع ڪئي وئي، ٽائون چيئرمين توڙي ٽائون آفيسر ٻئي ڏينهن به غائب رهيا.خبر موجب؛ ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب سکر امداد حسين پليجو جي اڳواڻي ۾ ٽيم ترقياتي اسڪيمن جي جاچ لاءِ ٻئي ڏينهن به ٽي ايم اي آفيس باقراڻي پهتي ۽ سال 2010 کان 2016 تائين ٿيل ترقياتي اسڪيمن جي آن اسپاٽ انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب ٽي ايم اي جي آفيسرن توڙي انجنيئرن ۾ ٿرٿلو متل آهي ،جڏهن ته نيب ٽيم جي ٻئي ڏينهن به ٽي ايم اي آفيس پهچڻ دوران ڪو به ذميوار آفيسر جنهن ۾ چيئرمين محسن خان آريجو توڙي ٽائون آفيسر محمد خان سيال آفيس ۾ موجود نه هيا. ان موقعي تي نيب ٽيم ٽي ايم اي باقراڻي پاران رڪارڊ ۾ ڏيکاريل ترقياتي اسڪيمن جي آن اسپاٽ جائزو وٺڻ لاءِ اڳوڻي انجنيئر لطف الله ڀٽو کي ساڻ وٺي ۽ ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو جڏهن ته نيب ٽيم سان ٽيڪنيڪل انجنيئر خالد حسين شيخ پڻ ساڻ گڏ هو. هوڏانهن نيب پاران ٽي ايم اي باقراڻي جي سال 2010 کان 2016 تائين رڪارڊ ۾ ڏيکاريل ترقياتي اسڪيمن جي جاچ بعد باقراڻي جي ٽي ايم اي جي آفيسرن ۾ ٿرٿلو متل آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر امداد حسين پليجو صحافين کي ٻڌايو ته ٽي ايم اي باقراڻي جي رڪارڊ ۾ ڏيکاريل ترقياتي اسڪيمن جو آن اسپاٽ جائزو وٺي رهيا آهيون ته اسڪيمون مڪمل ٿيل آهن يا نه ۽ انهن ۾ ڪهڙي قسم جو مٽيريل استعمال ٿيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *