Friday , April 26 2024

اڃا چئو ٿا اسان جي لهجي ۾ تخليون ڇو آهن؟ پر ! اسان ته اڃا به نرم لهجي ۾ آهيون – اصغر آزاد

پر! اسان اڃا به نرم لهجي ۾ آهيون– اصغر آزاد

سنڌ حڪومت پاران انڊونمينٽ فنڊ مان 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ پئسا صوبائي سيڪريٽريز سميت مختلف عهدن تي ويٺل شاهوڪار ڪامورن کي سندن اولاد کي پرڏيهه ۾ توڙي ملڪ جي مهانگن تعليمي ادارن ۾ تعليم پڙهائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيا، جنهن جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سامهون آيو ۽ رپورٽ به جمع ٿي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن، پر هيل تائين، سڀني تي ڀاري آصف زرداري، نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري ۽ پڙهيل لکيل، قابل، انتهائي سرگرم وڏي وزير مراد علي شاهه جي ڪن تي جونءَ به ناهي چري سگهي.

عالي جناب ! سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس جي انفارميشن ٽيڪنالوجي ڊپارٽمينٽ جي آخري سال ۾ پڙهندڙ  شاگرد شاويز سهاڳ 25 هزار رپيا فيس ادا ڪرڻ جي سگهه نه پيو رکي، جنهن کي سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس جي انتظاميا کيس يونيورسٽي نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. شاگرد شاويز سهاڳ ٻي ڪا واهه نه ڏسي پنهنجي عرضي کڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ دادو پهچي ويو ته مامرو منظر تي آيو. شاويز سهاڳ پنهنجي عرضي ۾ چيو آهي ته، هُو غريب خاندان سان واسطو رکي ٿو ۽ پڙحائي جا ڳرا خرچ وڏين تڪليفن سان ادا ڪندو رهيو آهي، هاڻي وٽتس 25 هزار رپيا ناهن، جنهن جيڪري دادو ڪئمپس  جي انتظاميا کيس نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.  سيشن جج تي شاويز جي درخواست تي واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. او سنڌ واسيو ڪجهه ته سوچو.

اچو ته هاڻي اوهان کي ٻڌايون ته انڊونمينٽ فنڊ مان ڪهڙن ڪهڙن مسڪين ڪامورن کي نوازيو ويو ۽ کين 5 ڪروڙ رپيا مال غنيمت سمجهي ڏئي ڇڏيا.

سنڌ حڪومت جي 11 مسڪين ڪامورن ۾ تعليم کاتي جي اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري محترمه عفت ملڪ کي سندس ڌيءُ عروا عرفان کي شڪاگو ۾ اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ صرف 42 لک رپيا جاري ڪرايا ويا. سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ( آءِ پي سي ) جي سيڪريٽري منصور عباس رضوي جي ٻن پٽن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 71 لک رپيا ڏنا ويا آهن. منارٽي ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري فاروق اعظم ميمڻ کي سندس ٻن پٽن کي پڙهائي لاءِ 39 لک رپيا، شاهده رشيد کي 10 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ اهڙا ٻيا به ڪامورا آهن.

سنڌ حڪومت جي عملدار شاهده رشيد جي درخواست تي ڊائو يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ سندس ڌيءَ زهره عينين کي 10 لک 53 هزار، مجاهد حسين مجاهد جي ڌي فضا مجاهد (ڊائو ميڊيڪل) کي 21 لک، پير ذوالفقار علي شاهه کي 30 لک رپيا، شمع خوشنود جي آغا خان يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ پٽ سعد قدوسي کي 67 لک، صوبائي محتسب جي سيڪريٽري اقبال نفيس خان جي لاهور يونيورسٽي آف مئنجمينٽ سائنس ۾ پڙهندڙ پٽ امر نفيس خان ۽ شاهپور نفيس خان کي 30 لک 94 هزار رپيا، سيد امداد علي شاهه جي بقائي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڌي منهال شاهه کي 8 لک رپيا جاري ڪيا ويا، رپورٽ موجب اهي ڪامورا سنڌ حڪومت ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ٿيل آهن، جن کي اسپيشل سمري ذريعي فنڊ جاري ڪيا ويا،جنهن تي عدالت ڄاڻايل 11 ئي آفيسرن کي جاري ڪيل 5 ڪروڙ رپيا واپس وٺڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ديواني جي خواب جهڙو نماڻو عرض– اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *