Friday , April 26 2024

اومني گروپ ۽ آصف زرداري جون ملڪيتون ضبط ڪيو: جي آءِ ٽي جي سفارش

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي اومني گروپ آف ڪمپنيز ۽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جون زرعي زمينون، بلاول هائوسز سميت سموريون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، ڪوڙن بئنڪ کاتن جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم / جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته، اومني گروپ جون ملڪيتون ضبط ڪرائڻ لاءِ سفارش ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ڪراچي ۽ لاهور وارا بلاول هائوسز ۽ اسلام آباد جو زرداري هائوس سيل ڪرڻ جي به سفارش شامل آهي. جي آءِ ٽي اڳوڻي صدر آصف زرداري جون نيويارڪ ۽ دبئي ۾ ملڪيتون به منجمد ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، بلاول هائوس ڪراچي جا پنج ئي پلاٽ، آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ زرداري گروپ جون سموريون شهري ۽ زرعي زمينون به منجمد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. جي آءِ ٽي اومني گروپ جي شگر ملز، زرعي توڙي توانائي ڪمپنيز سميت سمورا اثاثا منجمد ڪرڻ جي سفارش به ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *