Friday , April 26 2024

اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين؛ فاقي سرڪار ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ تڪرار

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اِي وِي ايم) واري معاملي تان وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو هي، اليڪشن ڪميشن اِي وِي ايم تي اعتراض واريندي رد ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن خلاف منظر تي اچي وئي آهي، وفاقي وزير شبلي فراز ۽ وزيراعظم جو خاص معاون بابر اعواڻ اليڪشن ڪميشن جا اعتراض رد ڪندي چيو آهي ته اِي وِي ايم واري منصوبي کي جاري رکيو ويندو ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ ان مشين کي استعمال ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي خاص معاون بابر اعواڻ چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متاعرف ڪرائڻ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ بابت قانون سازي کي هلندڙ سيپٽمبر مهيني دوران ئي مڪمل ڪنداسين.

Advertisement

شبلي فراز  چيو ته اِي وِي ايم بابت قانو سازي ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن هجي يا اپوزيشن سڀني کي قانون جي پاسداري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان اپوزيشن کي دعوت ڏني ته اهي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي جاچپڙتال ڪن ۽ پنهنجي راءِ ڏين، اليڪشن ڪميشن کي به مشين ڏني ته ڊيمو ڪري ڏٺو وڃي، اليڪشن ڪميشن جي اليڪشن سڌارن ۽ اِي وِي ايم تي واريل 37 اعتراضن مان 27 اعتراض اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت نه پر اليڪشن ڪميشن جي پنهنجي ٽيڪنيڪل صلاحيتن ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن بابت آهن، صرف 10 اعتراضن جو واسطو اِي وِي ايم مشينن بابت آهي. شبلي فراز چيو ته ”هيءُ رڳو مشين ناهي پر اها ته  هڪ تصور آهي“، ماضي ۾ جعلي بيلٽ پيپرز ڇپجندا رهيا آهن، هن چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ ۾ غيرجانبدار امپائر جو تصور آندو جيڪو ڪامياب ٿيو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين به اليڪشن لاءِ غيرجانبدار امپائر آهي. شبلي فراز جو چوڻ هو ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ چار لک اليڪذٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ضرورت پوندي، جنهن لاءِ صرف مشينن جي خريداري يا تياري لاءِ ڏيڍ سئو ارب رپيا خرچ ايندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *