Tuesday , March 19 2024

آءِ ايم ايف جا سخت شرط، 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس، مهانگائي جو طوفان تيار

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ هيٺ وفاقي ڪابينا جي اربع ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن تحت مني بجيٽ آڻڻ لاءِ ٽيڪس بلز2023 جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلوڪيو ويو ته فنانس بل 2023 قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو وڃي. فنانس بل منظور ڪرائڻ لاءِ تڪڙي ڪارروائي ڪري سمورا مرحلا 15 ۽ 16 فيبروري تي مڪمل ڪيا ويندا.

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان مني بجيٽ لاءِ فنانس بل، منظور ڪرائڻ جي طريقيڪار تحت ۽ ٻنهي ايوانن جي روزل آف بزنس تحت سمورا مرحلا ٻن ڏينهن اندر اڪلايا ويندا. فنانس بل پهريان قومي اسيمبلي ۽ پوءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻنهي ايوانن مان فنانسل بل ترميمن ۽ تجويزن لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ناڻي واري وزارت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين ڏانهن 15فيبروي تي ئي اماڻيون ويندو. ٻنهي ايوانن جون لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽيون فنانس بل تي تجويز ۽ سفارشون ڏئي واپس قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ڏانهن اماڻينديون. قانون ۽ ٻنهي ايوانن جي رولز آف بزنس تحت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽين جون سفارشون منظور يا رد ڪرڻ جو صوابديدي اختيار رکن ٿيون، جنهن تحت ڪا به سفارش يا ترميم يا سموريون سفارشون رد يا منظور ڪري سگهن ٿيون، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳواٽ طئي ٿيل معاملن تحت اسٽينڊنگ ڪميتيون سفارشون ته ڏينديون پر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي صوابديدي اختيار استعمال ڪندي سفارشون رد ڪري فنانس بل 16هين فيبروري تائين هر هالت ۾ منظور ڪيو ويندو، جنهن بعد فنانس بل 2023 منظوري لاءِ صدر عارف علوي کي اماڻيون ويندو.

مني بجيٽ وارو فنانس بل 2023 منظور ٿيڻ سان عوام تي 170 ارب رپين کان وڌيڪ بار پوندو، جنهن سان عام استعمال جون شيون،، کاڄرو تيل، داليون، سڪو کير، ڊٻن وارو کير، دوائون،ٽيڪسٽائيل سان لاڳاپيل شيون، پيپر، پرنٽنگ جو سامان،سگريٽ سميت استعمال ۾ ايندڙ اڪثر شيون 15 کان 35 سيڪڙُ تائين مهانگيون ٿي وينديون

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *