اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) فيصل آباد، راولپنڊي، قلعه عبدالله، سکر، حيدر آباد ۽ پشاور سميت چئني صوبن جي 10 اهم شهرن جي گندي پاڻي جي نيڪال وارن نالين ۾ پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر/نيوڪ (اين اِي او سِي ) جي جاري ڪيل ۽ نيوڪ پاران تصديق ٿيل رپورٽ مطابق ملڪ جي 10 وڏن شهرن جي گٽرن جي پاڻي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي، جيڪا ڳالهه ان تهائي پريشان ڪندڙ آهي. ان سلسلي اين اي سي او / نيوڪ کانسواءِ صحت واري وفاقي وزارت به تصديق ڪئي آهي. رپورٽ مطابق فيصل آباد، لاهور، راولپنڊي، ڪراچي، سکر، قلعه عبدالله، ڪوئيٽا، ڊيرا اسماعيل خان، پشاور ۽ ڏکڻ وزيرستان وار، شهرن جي گندي پاڻي جي نيڪال وارن ننڍن وڏن نالن جي پاڻي ۾ پوليو وائرس موجود آهي. رپورٽ موجب پوليو وائرس جي موجودگي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته پوليو جو ٻارن کي خطرو آهي. صحت جي وفاقي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته، 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارڻ قومي فرض آهي. سومر کان سڄي ملڪ ۾ پوليو خلاف شروع ٿيندڙ مهم ۾ والدين ڀرپور طريقي سان حصو وٺن.
Check Also
سنڌ انوائرمينٽل ٽربيونل ملير ايڪسپريس وي جي اڏاوت لاءِ 30 شرط رکي ڇڏيا
Share this on WhatsApp ڪراچي(چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ٽربيونل؛ ملير ايڪسپريس وي جي …