Friday , April 26 2024

چيف جسٽس سپريم ڪورٽ سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۽ ميڊيڪل ڪاليج جي مسئلن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن جي صورتحال ۽ سرڪاري توڙي نجي ميڊيڪل ڪاليج جي مسئلن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ورتو آهي، چيف جسٽس معاملي جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بئنچ قائم ڪري ڇڏي آهي، معاملي جي ٻڌڻي 13 جنوري تي ٿيندي. سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ وي وي آءِ پي جي آمد تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ، اسپتالن جي خراب صورتحال ۽ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلائن جي پاليسي سميت ٻين مسئلن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي واڳيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار ڪراچي جي اسپتالن جي خراب حالت تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سمورين سرڪاري سپتالن جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ عدالت طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس چيو آهي ته سمورين اسپتالن کان طبي اوزارن، دوائن، مشينري ۽ ڊاڪٽرن جي دستيابي سميت مفت ملندڙ دوائن جا تفصيل به پيش ڪيا وڃن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وي وي آءِ پيز موومنٽ دوران رستو بند ڪرڻ جو به پاڻمرادو نوٽس وٺندي رستو بند ڪرڻ بابت اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. چيف  جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي جيڪا 13 جنوري کان ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ رڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *