Friday , April 26 2024

پاناما اسڪينڊل ۽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو مامرو سنڌ اسيمبلي پهچڻ وارو، پ پ پاران جلد اجلاس سڏائڻ جو فيصلو

Panama

ڪراچي: پاناما اسڪينڊل ۽ ان جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيڻ بعد معاملو ملڪ اندر شروع ٿيل سياسي هلچل سنڌ اسميبلي ۾ پهچڻ وارو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب پيپلز پارٽي جي حڪومت پاران جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي بحث ڪرائڻ لاءِ سنڌ اسميبلي جو خصوصي اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ ان بعد پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهايو ويندو.

مليل معلومات موجب سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي پاران وزيراعظ۾ نواز شريف کان استعيفيٰ ڏيڻ جي مطالبي وارو ٺهراءُ به پيشس ڪرڻ جو به امڪان آهي، جنهن لاءِ پ پ سنڌ جي قيادت اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان به صلاح مشورو ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف ذرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان صلاح مشوري بعد سنڌ اسيمبلي جو اجلاساس سڏايو ويندو، امڪان اهو آهي ته اجلاس 20 هين جولاءِ کانپوءِ سڏايو ويندو.

ياد رهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن پاران اڳ ۾ ئي وزيراعظم نواز شريف خلاف هڪ ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي چڪي آاهي، جيڪو ايندڙ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *