Friday , April 26 2024

فيض گنج جي ڳوٺ سانگهڙ جو ويرو ۾ 2 ڄڻا قتل

فيض گنج ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) فض گنج جي ڳوٺ سانگهڙ جو ويرو ۾ زمين تڪرار تان راڄپر ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ خوف وارو ماحول ڇانيل. فيض گنج جي اڪري چودڳي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سانگهڙ جو ويرو ۾ بروهي ۽ راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي راڄپر برادري جو حاجي محمد علي راڄپر ۽ بروهين واري ڌر جو قربان بروهي مارجي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا صبحان علي راڄپر، ڀورل بروهي، غلام شبير لاشاري ۽ غلام حسين لاشاري به شامل آهن، علائقي  واسين ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ زمين جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تا اڄ خوني جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا. ٻن ڄڻ جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءَ وارو ماحول آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميا ۽ پوليس پرامن علائقي ۾ خوني واقعي جو نوٽيس وٺي وڌيڪ ڪنهن به نقصان کان بچڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *