Friday , April 26 2024

سکر بورڊ جي بااثر چيئرمين ۽ خورشيد شاهه جي ڀاءُ کي قانوني شڪست

سنڌ هاءِ ڪورٽ، جبري رٽائر ڪيل تعليمي بورڊ سکر جي اڳوڻي سيڪريٽري کي بحال ڪري ڇڏيو

امان الله انصاري کي تعليمي بورڊ سکر جي سيڪريٽري واري عهدي تان زبردستي رٽائر ڪيو ويو هو

ڪراچي / سکر ( رپورٽر سنڌسماءُچار) تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين مجتبيٰ شاهه، عدالتي حڪمن تحت بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري کي بحال ڪري ڇڏيو، 2018 کان رٽائرمينٽ جي اصل تاريخ تائين سمورين سهولتن سان بحالي جو نوٽيفڪيشن به جاري. سنڌ هاءِ ڪورٽ، تعليمي بورڊ سکر جي اڳوڻي سيڪريٽري سيڪريٽري امان الله انصاري جي آئيني درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد، درخواستگذار امان الله انصاري کي بحال ڪندي کيس سموريون انتظامي ۽ مالي سهولتون ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.

تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم مطابق امان الله انصاري کي معطل ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺي کيس جون 2018 کان رٽائرمينٽ جي تاريخ 31هين ڊسمبر 2021 تائين 18هين گريڊ ۾ بحال ڪري ان عرصي دوران سندس معطل ڪيل سموريون قانوني سهولتون پڻ بحال ڪيون ويون آهن.

تعليمي بورڊ جي چيئرمين ۽ خورشيد شاهه جي ڀاءُ مجتبيٰ شاهه، ڪوڙن ڊوميسائيلز تي پنجاب جي شاگردن کي داخلائون ڏيڻ، امتحانن ۾ ويهارڻ وارن حڪمن کي نه مڃڻ تي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻائيندي امان الله انصاري کي زبردستي / جبري رٽائر ڪرايو ويو هو، سندس آفيس ۾ مٿس حملو ڪيو ويو هو، پر بورڊ جي تڏهوڪي سيڪريٽري امان الله انصاري بورڊ جي انتهائي بااثر چيئرمين مجتبيٰ شاهه سميت سندس ساٿين جا غيرقانوني حڪم نه مڃيا ۽ قانوني جنگ وڙهي ڪاميابي ماڻي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *