Wednesday , May 31 2023
uren

سينيئر صحافي گلشن شيخ به وڇڙي ويو

ڪراچي ( چيف  رپورٽر   سنڌسماءَچار) سينئر صحافي گلشن شيخ لاڏاڻو ڪري ويو، گلشن شيخ ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل هو جتي دم ڌڻي حوالي ڪيو، گلشن شيخ مختلف سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ٽي وي چئنلن سان واڳيل رهيو. گڙدن جي تڪليف سبب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو، گلشن شيخ ڪجهه سال اڳ ٻئي گڙدا فيل ٿي ويا هئا، کيس هڪ عزيز هڪ گڙدو عطيو ڪيو هو جيڪو ايس آءِ يو ٽي ۾ ٽرانسپلانٽ ڪري کيس لڳايو ويو هو، هُو گذريل ڪيترن ئي سالن کان هڪ گڙدي تي حياتي گذاري رهيو هو. ڪجهه عرصو اڳ سندس اهو هڪ گڙدو به ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو هو، ڪيترو ئي عرصو ڊائلاسسز تي رهيو، جنهن بعد کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي اڄ سندس ساهه جو سڳو ڇڄي پيو. گلشن شيخ جو مڙهه اڄ خميس ڏينهن اباڻي ڳوٺ نئون ديرو نيون ويندو، جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويند.

About Asghar Azad

Check Also

ملير ايڪسپريس وي منصوبو؛ سنڌ حڪومت، بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي کي ڌچڪو

Share this on WhatsApp ”ملير ايڪسپريس وي پروجيڪٽ ھاڻي اي ڊي بي جي مدد سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *