Friday , April 26 2024

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت، ڪا به صنعت سنڌ حڪومت جي اجازت کانسواءِ نه کُلندي: مراد علي شاهه

وفاق جن صنعتن کي کولڻ جي اجازت ڏني آهي، سنڌ ۾ موجود انهن صنعتن کي کولڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي: وڏو وزير

صنعتن کي کولڻ کان اڳ مزدورن جي فهرست ۽ انهن جي ڪرونا کان بچاءَ جي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ کانسواءِ اجازت نه هوندي:مراد علي شاهه

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) وفاق پاران جزوي لاڪ ڊائون جي اعلان تي سنڌ حڪومت سخت شرط لڳائي ڇڏيا، جيڪي صنعتون وفاق کولڻ جي جي اجازت ڏني انهن کي سنڌ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي، مزدورن لاءِ سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون بابت جاري ڪيل سمورين ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي ماڻهن کي هٿ ٻڌي اپيل ڪئي آهي ته، مهرباني ڪري گهرن تائين محدود رهو، ماڻهن جا ميڙ نه ڪيا وڃن، سي ايم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، ڪرونا جي روڪٿام لاءِ شروع ڪيل لاڪ ڊائون کي  وڌيڪ سخت ڪري رهيا آهيون، شام جو پنج وڳي کانپوءِ لاڪ ڊائون تي وڌيڪ سختي سان عمل ڪرايو ويندو، هاڻي رعايت گهٽ ٿيندي. وفاقي حڪومت جن جن صنعتن کي کولڻ جي اجازت ڏني آهي، انهن سمورين صنعتن کي سنڌ حڪومت جي اخلاقي ضابطي/ ايس او پيز  جي پابندي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا عمارت ٺاهڻي آهي، سيمينٽ، ڪنڪريٽ ۽ وزيراعظم پاران کوليل صنعتن کي سنڌ اندر کولڻ کان اڳ سنڌ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي، پنهنجي مزدورن جي مڪمل فهرست لاڳاپيل اختيارين کي ڏيڻي پوندي، انهن پورهيتن جي ڪرونا کان روڪٿام وارين ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ به لازمي هوندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت يا مونکان به ڪي غلطيون ٿيون هونديون مان انهن تي معذرت ڪيان ٿو پر اهي ڪنهن به صورت ۾ ڄاڻي واڻي نه ٿيون هونديون، اسان جو پهريون مقصد ماڻهن جون حياتيون بچائڻ آهي، ڪنهن  کي به سنڌ حڪومت جي ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، لاڪ ڊائون شام جو 5 وڳي کانپوءِ وڌيڪ سخت ڪيو ويندو، ٻيلهه سواري تي پابندي آهي، اليڪٽريشن، حجمن جا دڪان، پلمبر، درزين جا دڪان نه کلندا، پبلڪ ٽرانسپورٽ بند رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *