Wednesday , August 10 2022
uren

سراج رئيساڻي جي شهادت، پي بي 35 تي چونڊون ملتوي

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) مستونگ ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پي بي 35 جي اميدوار نوابزاده سراج رئيساڻي جي شهادت کانپوءِ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا خان چيو آهي ته سراج سنجراڻي جي شهادت بعد پي بي 35 تي چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته، پي بي 35 تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پيپلزپارٽي جو وفاقي حڪومت خلاف مارچ ڪراچي مان روانو، بلاول پاران اعلان جنگ

Share this on WhatsApp ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران وفاقي حڪومت خلاف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *