Friday , June 25 2021
uren
Breaking News

باقراڻي ڀرسان عورت جو گوليون لڳل ٻوري ۾ بند لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

baqrani 1

باقراڻي:بقاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسن چاچڙ ڀرسان 50 سالن جي عورت جو ٻوريءَ ۾ بند لاش هٿ آيو آهي، پوليس موجب عورت کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ حسن چاچڙ لنڪ روڊ تي

لنڪ روڊ وٽ شڪي حالت ۾ رکيل ٻوري ڏسي ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس پهچي ٻوري کولي ته ان مان عورت جو گوليون لڳل لاش نڪتو. بقاپور ٿاڻي جي پوليس عورت جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال کڻائي وئي. چانڊڪا اسپتال ۾ عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو. عورت جي مڙهه جي سڃاڻپ نه ٿيڻ بعد پوليس ٻي قانوني ڪارروائي جي خانا پوري ڪري لاش کي ايڌي رضاڪارن جي حوالي ڪري دفن ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسقم چيئرمين صنعان قريشي گرفتار، پوليس جو تصديق کان انڪار

Share this on WhatsApp ملير(رپورٽر    سنڌسماءَچار) بحريا تائون خلاف درڻو هڻڻ واري واقعي جو ڪيس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *