Sunday , May 12 2024

پاڪستان

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ صديق ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيسز جا تفصيل طلب ڪري ورتا

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ خلاف زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ ڪرپشن واري ڪيس جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، وڪيل چيو آهي ته نيب زمين وڪرو ڪندڙ اصل جوابدارن بدران صديق ميمڻ کي هيسائي رهي آهي، نيب کي جاچ کان روڪيو وڃي، نيب پراسڪيوٽر چيو …

Read More »

سکر:پلي بارگين واري قانون کي ختم ڪري ان جو نالو وي آر رکيو ويو آهي: نيب چيئرمين

سکر: نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري چيو آهي نيب جي پلي بارگين واري قانون کي ختم ڪري ان جو نالو وي آر رکيو ويو آهي ۽ ان کي عدالت جي فيصلي سان مشروط ڪيو ويو آهي، نئين قانون تحت وي آر ڪندڙ شخص نوڪري مان فارغ ۽ هميشه لاءِ نااهل ٿي …

Read More »

لاڙڪاڻو:صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل عداتي ٽيم لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن جو دورو

لاڙڪاڻو:سپريم ڪورٽ پاران صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل عداتي ٽيم لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ٽيم جي سربراهه ٽن مهينن اندر قبضا ختم ڪرائي واٽر پلانٽ هلائڻ جي هدايت ڪندي ڪوتاهي ڪندڙ انجنيئرز خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جي …

Read More »

اسلام آباد:آصف زرداري صدارت دوران ايوان صدر ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملندو رهيو آهي: ترجمان گهرو وزارت

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان چوڌري نثار جي پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملڻ بابت بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري صدارت دوران ايوان صدر ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملندو رهيو آهي، جنهن جون تصويري ثابتيون به موجود آهن. وفاقي …

Read More »

اسلام آباد: ڀارت پاڪستان ۾ سرجيل اسٽرائيڪ جي غلطي ڪئي ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: خواجها سعد رفيق

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ سرجيل اسٽرائيڪ جي غلطي ڪئي ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جاري آزاديءَ واري تحريڪ کي پاڪستان سان ڳنڍڻ ۾ ناڪاميءَ بعد سرحدن تي ڇڪتاڻ وڌائي جيڪا به هاڻي گهٽجي رهي آهي. خواجه …

Read More »

ڪراچي: سنڌڪابينا جو اجلاس،آدم شماري کان اڳ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ وارو مرحلو جلد مڪمل ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه نادرا کي آدمشماري کان اڳ ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ موبائل وين سروس شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماري جي قانوني ۽ سياسي حيثيت آهي، انڪري آدمشماري درست طريقي سان ٿيڻ گهرجي، وڏي وزير فارم ۾ گجراتي …

Read More »

اسلام آباد: فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت ڪميٽي جو اجلاس بنا نتيجي جي ختم، اجلاس ٻيهر 30جنوري تي ٻيهر ٿيندو

اسلام آباد: فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽيز جي اڳواڻن جو ٻيو اجلاس به بنا نتيجي ختم ٿي ويو آهي، اپوزيشن اڳواڻن ان ڪيمرا اجلاس ڪوٺائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حساس ادارا فوجي عدالتن واري معاملي تي بريفنگ ڏين، اسپيڪر …

Read More »

بدين: شهيد فاضل راهو جي 30 هين ورسي ملهائي وئي

بدين: شهيد فاضل راهو جي 30 هين ورسي گولاڙچيءَ ۾ ملهائي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته شهيد فاضل راهو هارين جي حقن لاءِ جدو جهد ۾ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي. شهيد فاضل راهو جي ورسي جي موقعي تي قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن بعد شهيد فاضل …

Read More »

حيدرآباد: رينجرز کي اختيار ڏيڻ وارو مامرو ٻن ٽن ڏينهن ۾ حل ٿي ويندو:مولابخش چانڊيو

حيدرآباد:سنڌ جي سڌسماءُ جي کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي سنڌ ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ وارو معاملو ٻن ٽن ڏينهن اندر حل ٿي ويندو، سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 5 ڏينهن اندر شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ممڪن ناهي،ان ڪري آدمشماري بابت خدشن جو اظهار ڪيو. قاسم …

Read More »

ڪراچي:هاءِ ڪورٽ سڌسماءَ واري کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، اطلاعات کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اطلاعات واري اڳوڻي سيڪريٽري جي ضمانت رد ڪندي کيس15 فيبروري تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي به اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ …

Read More »