Friday , May 10 2024

پاڪستان

شهيدن جو قرض وياج سميت لهي ويو، سنڌ جا ماڻهو مرشدن جي چوڻ تي ووٽ نه ڏيندو: علي قاضي

سکر(رپورٽر  سنڌسماءَچار) تبديلي پسند پارٽي پارٽي سربراهه علي قاضي ايندڙعام چونڊن ۾ سڄي سنڌ ۾ پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، سنڌ جا ماڻهو ويڪائو مال ناهي، اهي ڏينهن گذري ويا جڏهن مرشدن جي نياپن ۽ شهيدن جي قرض لاهڻ لاءِ ووٽ ورتا ويندا هئا، سنڌ جي …

Read More »

ڪنهن کي غلط فهمي آهي ته ختم ڪري ڇڏي، جنهن به ڪرپشن ڪئي ان خلاف ڪارروائي ٿيندي: نيب چيئرمين

   نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال  – فائل فوٽو      پشاور( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته جنهن به ڪرپشن ڪئي آهي ان خلاف هر صورت ۾ ڪارروائي ٿيندي، جيڪڏهن ڪنهن کي اها خوشفهمي يا غلط فهمي آهي ته اهو طاقتور آهي انڪري …

Read More »

نيب چيئرمين غلط الزام هنيا، معافي وٺي يا استعيفيٰ ڏئي: نواز شريف

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف نيب چيئرمين کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، نواز شريف چيو آهي ته نيب چيئرمين مني لانڊرنگ الزام 24 ڪلاڪن ۾ ثابت ڪري يا قوم کان معافي وٺي، نيب پنهنجي ساک وڃائي چڪو آهي، مون کي سزا ڏني وئي ته نه معافي گهرندس …

Read More »

وڪيلن جون ڊگريون اصلي يا نقلي؟ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سياستدانن، پائليٽس ۽ بيوروڪريٽس کانپوءِ هاڻي وڪيلن جون به تعليمي ڊگريون جاچيون وينديون ته اُهي اصلي آهن يا نقلي. سپريم ڪورٽ وڪيلن جي جعلي ڊگريز واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، چيف جسٽس سمورين بار ڪائونسلز کي نوٽيس جاري ڪندي هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي ڊگريز …

Read More »

خيرپور پوليس صحافي خان محمد سميت 25 ڄڻن خلاف ڪيس داخل،دهشتگردي ايڪٽ شامل

خيرپور (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيرپور پوليس ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي خان محمد، سندس ٻن پٽن ۽ هڪ ڀاڻيجي سميت 25 ڄڻن خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا …

Read More »

ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي دوران مزاحمت،هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) صدر جي ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي وارن رستن تي غير قانوني طور قائم ڪيل چپرن، ريڙهن ۽ پاٿارن کي هٽائڻ دوران اينتي انڪروچمينٽ سيل ۽ قبضا مافيا وچ ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو،اسسٽنٽ ڪمشنر زخمي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايمريس مارڪيٽ ۽ جهانگير پارڪ …

Read More »

پيٽرول جا اگهه گهٽجڻ تي ٽيڪس ڇو ٿا هڻو:چيف جسٽس جو وفاق کان پڇاڻو

اسلام آباد( سنڌرسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم  ڪورٽ، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت لاڳاپيل ادارن کان وضاحت طلب ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس، ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿيندا آهن ته عوام کي رليف ڏيڻ بدران هتي …

Read More »

نندو شهر ڀرسان عورت جي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ سماجي اڳواڻ جميلا انصاري طور ٿي وئي

بدين(رپورٽر  سنڌسماءَچار) چار ڏينهن اڳ نندو شهر ڀرسان هٿ آيل ناري جي لاش جي سڃاڻپ سماجي اڳواڻ جميلا انصاري طور ٿي آهي، جڏهن ته نندو پوليس ناري جي قتل الزام هيٺ سندس مڙس ۽ ويڳي پٽ سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي بدين عرفان سمون …

Read More »

سياسي بنيادن تي 21 سالن دوران نوڪرين مان نيڪالي ڏنل ملازمن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم

ضياءَ لنجار                     ڄام خان شورو ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار صوبي ۾ گذريل 21 سالن دوران سياسي بنيادن تي نوڪرين مان نيڪالي ڏنل سمورن ملازمن جي بحالي لاءِ ٻن ميمبرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ملازمن کي نيڪالي ڏيڻ …

Read More »

سپريم ڪورٽ اي پي ايس سانحي جي عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي هدايت

پشاور( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) چيف جسٽس ثاقب نثار آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي نئين سر جاچ ڪرائڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا واقعي جي نئين سر جاچ ڪري رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي. سپريم ڪورٽ پشاور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ اي …

Read More »