Sunday , April 28 2024

پاڪستان

اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني پنجن ڏينهن کان مفرور

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار ) سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني نيب جي ڪرپشن ريفرنس ۾ ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ لاڳيتو گم، قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني قانوني طور هن وقت هڪ مفرور ملزم آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آغا سراج …

Read More »

” فرزند ڪراچي لياقت علي خان کي شهيد به ڪراچي ۾ ڪيو ويو“: گورنر عمران اسماعيل

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) ” پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان فرزند ڪراچي جنهن کي شهيد به ڪراچي ۾ ڪيو ويو“، اهو چوڻ آهي پي ٽي آءِ  جي سينيئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو. سنڌ جي گورنر عمران …

Read More »

هاڻي بجلي وارا پکا وفاقي حڪومت جي مرضي وارا لڳائڻا پوندا

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت بجلي جي بچت جو نئون طريقو ڳولي لڌو آهي، حڪومتي فيصلي تحت ايندڙ سال گرمين جي مند ۾ شهري صرف اُهي پکا استعمال ڪري سگهندا جيڪي وفاقي حڪومت جي نئين تواني پاليسي تحت منظور ڪيا ويندا. سائنس اينڊ …

Read More »

تحريڪ انصاف پاران سنڌ ۾ نوان چهرا آزمائڻ تي غور

وزيراعظم عمران خان انهن شخصيتن پاران پ پ پ مخالف روڊ ميپ سان اتفاق ڪندي کين عام چونڊن کان اڳ کين اهم ذميواريون ڏيڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي انهن مان هڪ شخصيت کي پردي پويان رهي ڪم ڪرڻ جو به ٽاسڪ ڏنو ويو آهي: ذريعا ڪراچي ( رپورٽ    …

Read More »

تعليمي ادار  11 آڪٽوبر کان معمول مطابق کُلي ويندا

اسلام آباد ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار)  ڪرونا وائرس سبب جُزوي طور کوليل تعليمي ادارا هاڻي 11 هين آڪٽوبر کان معمول مطابق کوليا ويندا. رٿابندي واري وفاقي وزير ۽ اين سي او سي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا جي ڪيسن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي اچي وئي …

Read More »

نيب ترميمي آرڊيننس، قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ وارا شعبا آجا

نيب ترميمي آرڊيننس تحت نيب قانون وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا، پارلياماني ڪميٽين توڙي سب ڪميٽين جا فيصلا نيب جي اختيار ۾ نه هوندا اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب آرڊيننس 1999 ۾ ڦيرڦار،  صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيب ترميمي آرڊيننس 2021 جاري ڪري ڇڏيو، ترميمي آرڊيننس کانپوءِ قومي ناڻي کي …

Read More »

سنڌ حڪومت کيرٿر جبل ۾ تيل جي ڳولا لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت قدرتي سونهن ۽ تاريخي ورثي ڪارونجهر مان قيمتي پٿر جي کوٽائي جي ليز ڏيڻ کانپوءِ کيرٿر جبل واري علائقي ۾ تيل جي ڳولا لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس ۽ تيل جي ڳولاءِ جي اجازت اٽڪ آئل ڪمپني کي …

Read More »

گهٻرايو متان ! پيٽرول 5 رپيا مهانگو ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ٻيهر پيٽروليم بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ساڍا پنج رپيا تائين واڌ جو امڪان، فيصلو اڄ ٿي ويندو. ذريعن موجب وفاقي سرڪار پاران سيپٽمبر مهيني دوران ٻيو ڀيرو پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ جو امڪان آهي، …

Read More »

سينيئر صحافي گلشن شيخ به وڇڙي ويو

ڪراچي ( چيف  رپورٽر   سنڌسماءَچار) سينئر صحافي گلشن شيخ لاڏاڻو ڪري ويو، گلشن شيخ ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل هو جتي دم ڌڻي حوالي ڪيو، گلشن شيخ مختلف سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ٽي وي چئنلن سان واڳيل رهيو. گڙدن جي تڪليف سبب ڪراچي جي هڪ …

Read More »

مريم نواز جي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ     سنڌسماءَچار) ”نون ليگ ڊگهي ڊوڙ وارو گهوڙو آهي، اوهان ۾ اسان جهڙي ويڙهه وڙهڻ جي همٿ نه اڳ هئي نه ئي هاڻي آهي”، اهو چوڻ آهي نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو، لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو …

Read More »