Wednesday , May 15 2024

پاڪستان

ارشاد قتل سانحو: سنڌ جي عام ماڻهن جي جدوجهد ڪامياب،بااثر رحيم شاهه ۽ ڊي ايس پي سميت 6 ڄڻن تي قتل ڪيس داخل

ملير(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڀينس ڪالوني ۾ بي رحمي سان قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جو قتل ڪيس، يوسي چيئرمين ۽ ن ليگ اڳواڻ رحيم شاهه، سندس پٽ حسن شاهه، ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي، سب انسپيڪٽر رياض عامر ۽ رحيم شاهه جي ٻن اڻڄاتل گارڊن خلاف قتل ڪيس داخل دهشتگردي …

Read More »

ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار رحيم شاهه گرفتار: جاچ پوليس ملير

ملير(رپورٽر   سنڌسماءَچار) قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار رحيم شاهه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، اهڙي دعويٰ ملير پوليس ڪئي آهي. ايس پي جاچ ملير جو چوڻ آهي ته رحيم شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کي اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي. رحيم …

Read More »

ايس ايس پي ملير رحيم شاهه جو سهولتڪار بڻيل،حراست ۾ وٺڻ بعد ڇڏي ڏنو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملير پوليس قتل ڪيس سميت مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدار رحيم شاهه کي گرفتار ڪرڻ بدران سندس سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪندي ايس ايس پي آفيس ۾ مهمانوازي ڪرڻ ۽ گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت ڪرائڻ جي صلاح ڏئي حفاظت سان واپس روانو ڪري ڇڏيو، ايس ايس …

Read More »

ارشاد رانجهاڻي جي قتل جو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ملير جا وڪيل ميدان ۾ نڪري پيا

ملير (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملير بار ايسوسيئيشن پاران ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۽ ان ۾ ملوث بااثر جوابدار رحيم شاهه جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف ميدان ۾ لهي پيا آهن، رائو زاهد چيو آهي ته سومر ڏينهن (اڄ ) ملير ڊسٽرڪٽ ڪورٽس جي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. ملير بار …

Read More »

ارشاد قتل ڪيس جي جوابدار رحيم شاهه جو ڪرمنل رڪارڊ مليو آهي: ايس ايس پي اظفر مهيسر

ايس ايس پي اظفر مهيسر                جوابدار رحيم شاهه       ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ارشاد ران جهاڻي جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، وارثن سان به رابطو، ايس ايس پي اظفر مهيسر چيو آهي ته، واقعي واري هنڌ …

Read More »

ارشاد رانجهاڻي ڪيس:جوابدار گرفتار نه ٿيو، اڄ شام ڪارساز تي ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث طاقتور جوابدار رحيم شاهه گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، سماجي رابطن جي سائيٽس تي ڏنل احتجاج واري سڏ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان ماڻهو شرڪت ڪندا، جاچ ڪميٽي جي ميمبر ايس ايس پي اظفر مهيسر چيو آهي ته، …

Read More »

41 ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد تبليغ ڪندڙ متحده جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي راڄڌاني شهر ۾ 41 ماڻهن جي زندگين جا ڏيئا اجهائڻ بعد تبليغي جماعت ۾ چلا ڪٽيندڙ متحده قومي موومينٽ جو ٽارگيٽ ڪلر نيٺ گرفتار ٿي ويو آهي، ايس ايس پي اظفر مهيسر چيو آهي ته جوابدار هڪ اهم شخصيت جي قتل ۾ نبه ملوث آهي، جوابدار …

Read More »

شهباز شريف جي ميمبرشپ ختم، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) اپوزيشن ليڊر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شهباز شريف جي ميمبر شپ ختم، سيڪريٽري قومي اسيمبلي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اپوزيشن ليڊر ۽ پي اي سي جي چيئرمين شهباز شريف جي ٽن اسٽينڊنگ ڪميٽيز مان ميمبرشپ ختم ڪرڻ جي …

Read More »

ارشاد رانجهاڻي ڪيس: ملير ۾ احتجاجي ڌرڻو، ميلربار وڪيلن جي ٽيم جوڙي ڇڏي، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/ملير(رپورٽرز سنڌسماءَچار) قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي ۽ سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ملير ۾ ڌرڻو، ڪراچي طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل، ڪيس بابت ملير بار ايسوسسيئشن قانوني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ملير بار جي صدر رائو زاهد …

Read More »

ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس: سنڌ حڪومت پاران عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار ) ڀينس ڪالوني ۾ بي رحمي سان قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي واري قتل خلاف سڄي سنڌ ۾  احتجاجي مظاهرن ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي ٽرينڊ ٺهڻ کانپوءِ نيٺ وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ ڪرائڻ حڪم ڏئي …

Read More »