Friday , May 10 2024

سنڌ

وفاق جي من ماني جاري، اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ کي حصي کان 76 ارب رپيا گهٽ جاري ڪيا

  وفاقي حڪومت پاران سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جاري آهي، جنهن ۾ هر معاملي ۾ ٻه اکيائي رکڻ وارو رويو جيئن جو تيئن جاري آهي. وفاقي سرڪار پاران هلندڙ مالي سال 2016-17 جي پهرين 8 مهينن دوران سنڌ کي 76 ارب رپيا گهٽ جاري ڪري صوبي کي مالي …

Read More »

ڊاڪٽر عاصم جي 477 ارب رپين جي مالهي گهوٽالي جيس ڪيسز ۾ ضمانت منظور، پرڏيهه نه وڃي سگهندو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضمانت واري درخواست تي تحريري حڪم نامو جاري ڪري سندس ضمانت منظور ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي فيصلي موجب ڊاڪٽر عاصم ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهندو تحريري فيصلو 19 صفحن تي ٻڌل آهي ،عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو …

Read More »

پ پ جي جيالي پارٽي پاران نظرانداز ڪرڻ تي اڳواڻن خلاف احتجاج

فيض گنج واسي پ پ جيالي اڳواڻن پاران مسلسل نظر انداز ڪرڻ تي پاڻ ساڙڻ جو چتاءَ ڏئي ڇڏيو، خبر موجب فيض گنج جي ڳوٺ صالح شر واسي هادي بخش شر گڏهه گاڏي تي پ پ جهنڊي سان گڏ احتجاج طور ڪارو جهنڊو ٻڌي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ميڊيا …

Read More »

تعليم کاتي سميت مختلف کاتن جي آفيسرن کي 18 گريڊ ۾ ترقيون ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ استادن، انجنيئر  ۽ انتظامي عهدن تي مقرر ملازمن سميت  تعليم کاتي جي آفيسرن کي 17 گريڊ مان 18 گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي تعليم کاتي جي ملازمن پاران کين  ترقيون نه ڏيڻ …

Read More »

ڪراچي: شانتي نگر مان غيرقانوني اڏاوتون هٽايو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ گلشن اقبال جي علائقي شانتي نگر ۾ غيرقانوني  اڏاوتن واري ڪيس ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين ادارن کان 6 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ۾ شهري جنيد ڀٽو درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته اقبال ٽائون جي شانتي …

Read More »

نثار کهڙو صاحب اوهان وڏا اداڪار آهيو: اسپيڪر آغا سراج دراني

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو جيم خاني جي تعمير جي ذڪر تي اسپيڪر آغا سرج دراني ۽ صوبائي وزير نثار کهڙو وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي، آغا سراج دراني نثار کهڙي کي مخاطب ٿيندي چيو ته  اوهان سٺي اداڪاري ڪئي آهي، نثار کهڙي اسپيڪر کي …

Read More »

1991وارو پاڻي ٺاهه هڪ ڀيرو وري نظر انداز، سنڌ وري ڀوڳيندي

پھرين اپريل کان شروع ٿيندڙ 6 ماھي خريف سيزن جي پھرين 3 ماھي ۾ 35 کان 40 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ کوٽ ٿيندي، سيزن لاءِ پاڻي ورڇ 91ع ٺاهه بدران 3 رخي فارمولي تحت ٿيندي، ارسا پاڻي صورتحال سبب 15 اپريل تائين فصلن جي پوکائي نه ڪرڻ واري تجويز تي …

Read More »

ملڪ ۾ جيڪو ٿيڻ گهرجي اهو نه پيو ٿئي، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي اهو ٿي رهيو آهي: سينيٽ چيئرمين

سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي پارليامينٽ ۾ مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گذريل دفعي وڏي پريشاني ۾ فوجي عدالتن جي قيام ۾ ووٽ ڏنو هو ۽ مان اعتراف ٿو ڪريان ته منهنجي بزدلي ۽ لالچ اهو ووٽ ڏيڻ لاءِ …

Read More »

سنڌ پوليس ترقي جي دڳ تي_ آفيسرز واٽس ايپ هلائڻ سکن يا نوڪري تان هٿ کڻن..؟؟

جديد ٽيڪنالاجي شھيد بينظيرآباد پوليس کي مھانگي پئجي وئي، واٽس ايپ نه ھلائي سگهندڙ ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ ٿاڻي جي وڏن منشين کي ھٽائڻ جو فيصلو، سکيا لاءِ ھڪ ھفتي جو الٽيميٽم، رپورٽ موجب آءِ جي سنڌ پوليس پاران پوليس کاتي ۾ پراڻو سسٽم بند ڪري نئون …

Read More »

روهڙي ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن شادي جي ڪاڄ تي حملو، گهوٽ جو پيءُ مارجي ويو.

روهڙي ڀرسان ڳوٺ درگاهي ۾ هٿياربندن پوليس اهلڪار جي پٽ جي شادي واري ڪاڄ تي حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ جو پيءُ پوليس جو اي ايس آءِ صوبو خان ورياهه ٿڏي تي مارجي ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل صوبي خان ورياهه پٽ …

Read More »