Tuesday , May 21 2024

سنڌ

اسلام آباد: ارسا ۽ پنجاب جي اُرھ زورائي، سنڌ جي اعتراضن باوجود چشما جهلم ڪئنال کوليو ويو

ارسا آچر ڏهاڙي سرڪاري موڪل هجڻ باوجود پنجاب جي چوڻ تي سنڌ سميت ٻين صوبن کان راءِ وٺڻ کانسواءِ ئي پنجاب کي چشما جهلم ڪئنال ذريعي واڌو پاڻي ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب جي اسرار تي منگلا ڊيم ۾ به پاڻي گڏ ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي …

Read More »

سانگهڙ:معمولي تڪرار تان عورت ۽ معصوم ٻارڙي جي بي رحماڻي تذليل

سانگهڙ ڀرسان ملاح برادري جي عورتن جو جهيڙو، عورت تي ڌي سميت تشدد منهن ڪارو ڪري علائقي جو گشت ڪرايو ويو تذليل ڪري ڪئي. سانگهڙ ويجهو چوٽياريون جي ملاح پاڙي جي عورت مسمات سياڻي زال پير بخش ملاح پنهنجي ڀاءَ رحيم بخش ۽ ماءُ سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته …

Read More »

سنڌ ۾ صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي 17 جون تائين عمل ڪيو: واٽر ڪميشن جي سنڌ سرڪار کي هدايت

سنڌ ۾ پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي واٽر ڪميشن سنڌ سرڪار کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته، پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي 17 جون تائين عمل ڪيو وڃي. …

Read More »

“گهرو وزير جي آفيس غير محفوظ” سنڌ حڪومت ڪراچي شهر جي امن امان واري صورتحال تي سوال اڀاري ڇڏيا

گهرو وزير جي ڪئمپ آفيس لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن سنڌ سرڪار تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان سيڪريٽريٽ دهشتگردن جي نشاني تي آهي. ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن سبب پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ گهرو وزير سهيل انور سيال جي آفيس به محفوظ نه آهي. آءِ جي سنڌ کي پنهنجي آفيس (سي …

Read More »

نوشهروفيروز: صحافين خلاف رڻ ٻاريندڙ پوليس عدالتي حڪم کي ردي جو ڪاڳر سمجهي اڇلائي ڇڏيو، قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب

ڪجھ هفتا اڳ پوليس ڀريا سٽي واري علائقي ۾ هٿ ٺوڪئي مقابلو ڄاڻائي شاگرد کي مارڻ جو ڪيس عدالتي حڪم باوجود داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.  ڀريا پوليس، نوشهرو فيروز ضلعي جي ايڊيشنل سيشن جج عنايت الله ڀٽو جي عدالت پاران حڪم جاري ڪيو ويو هو ته، …

Read More »

آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ حڪومت جا اختلاف، سنڌ سرڪار هڪ قدم پوئتي هٽي وئي

سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا وچ ۾ هلندڙ اختلافن جيئن جو تيئن برقرار آهن پر، سنڌ حڪومت هڪ قدم پوئتي هٽي وئي آهي. گذريل اڱاري واري ڏينهن ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾، واضع طور تي چيو ويو هو ته، …

Read More »

گهوٽڪي: ايس ايس پي بنگش پوليس تشدد ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي جو خون لوڙهڻ ۾ ڪامياب؟؟

ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش، پوليس تشدد ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي عبدالرزاق لاڙڪ جو خون لوڙهڻ ۽ بااثر جوابدارن کي بچائڻ ۾ نيٺ ڪامياب ٿي ويو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش نوجوان جي قتل واري واقعي ۾ نامزد بااثر جوابدارن افضل مهر، …

Read More »

ڪراچي: سنڌ حڪومت آءِ جي کي اڪيلو ڪرڻ ۾ رڌل، نئون نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا وچ ۾ هلندڙ تڪرار چوٽ چڙهي ويو آهي، سنڌ حڪومت آءِ جي جا اختيار محدود ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ٿي وئي آهي. ڊپٽي سيڪريٽري امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز سميت …

Read More »

پ پ جي شاندار حڪومت جو عاليشان مثال – سکر سول اسپتال عملي پاران عورت جو علاج ڪرڻ بدران خانگي اسپتال جو دڳ ڏيکاري ڇڏيو

شاباش آصف زرداري، خورشيد شاھ ۽ مراد علي شاھ، سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شاندار حڪومت جو هڪ عاليشان مثال سکر ۾ ڏسڻ لاءِ مليو آهي، جتي سول اسپتال جي عملي پاران هڪ غريب عورت جو علاج ڪرڻ بدران کيس ساڳئي اسپتال جي ڊاڪٽر جي خانگي اسپتال …

Read More »

رمضان جو مهينو ايندي ئي سنڌ واسين لاءِ حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ زندگي عذاب بڻائي ڇڏي، بجلي جي بندش زور وٺي وئي

سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي دوران رمضان المبارڪ جي ٽئين صحري به اونداهي ۾ ڪئي، ٽيون روزو به بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ قهر جي گرمي ۾ گذاريو پيو وڃي. روزيدارن سميت عام شهري ڏچي هيٺ، بجلي تي هلندڙ ڪاروبار ۽ صنعتون متاثر، 7 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ بيهوش، مختلف شهرن …

Read More »