Monday , May 20 2024

سنڌ

ڪراچي: سنڌسرڪار نيٺ ڪيٽي بندر رٿا تي سنجيده فيصلو ڪري ورتو

سنڌ حڪومت وڏي عرصي کانپوءِ نيٺ ڪيٽي بندر رٿا بابت سجنيده فيصلو ڪندي اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪيٽي بندر رٿا جي قيام لاءِ اهم قدم کڻندي ڪي ٽي بندر تائين سامان ۽ مشينري پهچائڻ لاءِ جيٽي …

Read More »

ڪراچي: سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي هڪ به حڪم تي عمل ناهي ڪيو، جمال مصطفيٰ سيد ۽ فضل الله پيچوهو کي شوڪاز نوٽيس جاري: سنڌ واٽرڪميشن

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو تي ٻڌل انڪوائري ڪميشن، واٽر ڪميشن ٽاسڪ فورس جي سربراھ ۽ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد، واٽر بورڊ جي ايم ڊي، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي …

Read More »

شڪارپور: پ پ اڳواڻ مقبول شيخ سميت 10 ڄڻن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري

شڪارپور جي سيشن جج نزاڪت علي جانوري جي عدالت پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مقبول شيخ جا قتل ڪيس ۾ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. مقبول شيخ اڃا تائين حفاظتي ضمانت به ناهي ڪرائي. شڪارپور جي نامياري وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ  شاهنواز بروهي …

Read More »

ڪراچي: سينٽرل جيل جي ”سخت سيڪيورٽي“ تان پردو لهي ويو..!!

ڪراچي سينٽرل جيل جي سيڪيورٽي انتهائي سخت هجڻ جون دعوائون ڪندڙ صوبائي گهرو کاتي، ۽ جيل پوليس جي انهن دعوائن تان پردو لهي ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويندو هو ته ڪراچي سينٽرل جيل ڪراچي جي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت آهن، ڀتيون به بم پروف آهن. پر جيل مان …

Read More »

سنڌ جي سال 18_2017 جي 10 کرب 43 ارب 18 ڪروڙ رپين جي بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور

سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال2017-18 جي بجيٽ لاءِ مخالف ڌر پاران پيش رکيل فنڊز ۾ ڪٽوتي لاءِ 732 ڪٽوتي واريون رٿون رد ڪندي، مالي سال2017-18 جي 10 کرب 43 ارب 18 ڪروڙ جي بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور منظور ڪندي سنڌ مالياتي بل 2017ع منظور ڪري ورتو آهي. سنڌ اسيمبلي …

Read More »

دهشتگردي يا چائنا ڪٽنگ جو حق ڪنهن کي به نه ڏبو:مراد علي شاھ

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ٻيهر دهشتگردي ڪرڻ جو يا چائنا ڪٽنگ ڪرڻ جو حق گهري ٿو ته کيس ڪڏهن به اهڙو حق نه ڏينداسين، نه ئي سنڌ تقسيم ڪرڻ جو خواب ڏسندڙن جو خواب پورو نه ٿيندو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ …

Read More »

فيض گنج: ڏيڍ صدي قديم اسڪول جي زمين ڦٻائڻ لاءِ تر جي بااثر ڀوتارسرگرم،هيڊ ماستر ڀوتارن سان مهاڏو اٽڪائي بيٺل

خيرپور ضلعي جي فيض گنج تعلقي جي بئراجي ۽ ٿر واري علائقي جي سنگم تي ڏيڍ صدي اڳ قائم ٿيل قديمي ڀنگو بهڻ هاءِ اسڪول جي زمين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ چوديواري ڏيارڻ جي ڪوششن کي تباھ ڪرڻ لاءِ شهر جا بااثر ماڻهو سرگرم ٿي ويا آهن، جن پنهنجي لاٺڙين …

Read More »

بدين جي سامونڊي پٽي جو پاڻي به زهريلو، ماڻهو گيسٽرو ۾ وٺجي ويا، معصوم ٻار فوت

سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ سبب گندي پاڻي راتاها ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، بدين ۾ گندو پاڻي واپرائڻ جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ عورتون، ٻار ۽ مرد گيسٽرو جي بيماري ۾ وٺجي ويا آهن، گيسٽرو وگهي هڪ سال جي معصوم ٻارڙي به فوت ٿي وئي …

Read More »

جهنگلي جيوت کاتي جي لاجواب ڪارڪردگي، 3 ڪروڙ خرچ نه ٿيڻ ڪري واپس ٿي ويا

سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي جي لاجواب ڪارڪردگيءَ سبب هاليجي ڍنڍ، لنگھ ڍنڍ، کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ نوابشاھ ۾ پارڪ لاءِ گذريل مالي سال جي بجيٽ ۾ رکيل 3 ڪروڙ رپين مان ٽيڊي پائي به خرچ نه ٿي سگهي. مالي سال 2016-17 جي بجيٽ ۾ رکيل رقم خرچ نه ٿيڻ …

Read More »

سنڌاسيمبلي جو بجيٽ اجلاس: اسپيڪر مخالف ڌر کي سنڌ واٽر ڪميشن تي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، ايم ڪيو ايم جو گوڙ

سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دراني ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي واٽر ڪميشن جي رپورٽس بابت ڳالهائڻ کان روڪيندي سندن مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيا. اجلاس دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ايم پي ايز جي هڪٻئي خلاف لفظي حملن دوران ايوان …

Read More »