Wednesday , May 1 2024

مقامي خبرون

ٺٽو ڀرسان شورا موري مان ٻوري ۾ بند لاش هٿ

ٺٽو (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٺٽو ويجهو شورا موري ڀرسان ٻوري بند لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. مڪلي پوليس اسٽيشن جي حد مان گلمنڊا روڊ تي کـڏي مان ھٿ پير ٻڌل ٻوري ۾ بند لاش ھٿ آيو آھي. مقامي ڳوٺاڻن لاش کڏي ۾ پيل ڏسي موقعي …

Read More »

ڪنڌرا ۾ ميگواڙ نوجوان قتل، جوابدار گرفتار نه ٿيا، گهوٽڪي ۾ ناري قتل، جوابدار گرفتار نه ٿيا

روهڙي( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪنڌرا ويجهو قتل ڪيل نوجوان وزير ميگهواڙ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدرن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، نوجوان جي وارثن ۽ علائقي واسين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري …

Read More »

عورت ٻن ٻارڙن کي زهر ڏئي پنهنجي زندگي جو ڏيئو به اجهائي ڇڏيو

حيدر آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) حيدرآباد جي گرونگر واري علائقي ۾ مڙس سان مڙس سان ناراض عورت پنهنجي ٻن معصوم ٻارڙن کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. حيدر آباد جي گرونگر جي رهائشي عورت صائمه ۽ سندس مڙس وچ ۾ ڪجهه ڏينهن کان …

Read More »

غوثپور شهر جون گهٽيون گندي پاڻي جي نالين جو ڏيک ڏيڻ لڳيون

غوثپور(سنڌسماءَچار نيوز) شهر ۾ گندي پاڻي جو نيڪال وارو نظام تباهه هجڻ ڪري شهر جون بازارون ۽ رهائشي علائقا گندگي جي ور چڙهي ويا آهن. غوثپور شهر جي مک بازار واري رستي ۽ ان جي ڀرپاسي وارين گهٽين ۾ گندو پاڻي بيهجي ويو آهي. گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ …

Read More »

سکر ۾ 6 ورهين جو نينگر پوليو جي مرض ۾ مبتلا

سکر( سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) سکر ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي کي پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن چيو ته ٽيسٽون ڪرائڻ بعد خبر پئجي ويندي، علامتن مان پوليو محسوس ٿي رهيو آهي. پنوعاقل جي رهواسي دلدار سميجي جي 6 ورهين جي پٽ انصار علي سميجي کي پوليو جو …

Read More »

ارڙي جا راڱا نه رڪيا، ماتلي ۾ 2 ڀينرون فوت، صحت کاتو اڃا اگهور ننڊ ۾

ماتلي(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ارڙي جي مرض جا راڱا جاري آهن، صحت کاتو اڃا تائين اگهور ننڊ مان جاڳي ناهي سگهيو. ماتلي ۾ ارڙي وگهي 2 ڀينرون فوت ٿي ويون آهن، جڏهن ته ارڙي جي موذي مرض ۾ مبتلا وڌيڪ ڪيترن ئي ٻارڙن کي …

Read More »

پڪاچانگ ۾ پرائيم انسٽيٽيوٽ آف ڪومپيٽيٽواسٽڊيز پاران 6 مارچ تي سيمينار ٿيندو

فيض گنج ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پڪاچانگ شهر ۾ قائم پرائيم انسٽيٽيوٽ آف ڪومپيٽيٽواسٽڊيز پاران ڇهين مارچ تي سيمينار رٿيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالغني شر جو چوڻ آهي ته، سيمينار ۾ مختلف شعبن تي لاڳاپيل فيلڊس جا ماهر ليڪچرز ڏيندا. سيمينار ۾ شاگردن کي ڪيريئر ڊيولپمينٽ سميت مختلف …

Read More »

پيروسڻ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

سيٺارجا( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سيٺارجا ۾ شهرين پير وسڻ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ پوليس خلاف نعري بازي ڪندي چيو ته بنا جواز جي پوليس سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. شهرين شفيق، عامر، ظفر اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف …

Read More »

پ پ سنڌ سان اهڙو حشر ڪيو آهي جيڪو ڪنهن ڊڪٽيٽر به نه ڪيو: اياز لطيف پليجو

لاڙڪاڻو(سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته پ پ سنڌ سان اهڙو حشر ڪيو آهي، جيڪو ضياءَ الحق ۽ مشرف به نه ڪري سگهيا هئا، اربين روپين جا ڪم رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاري گهٽيون، رستا، ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ کنڊر …

Read More »

ڪوٽڙي جي نجي اسڪول ۾ ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ سبب شاگرد فوت

حيدر آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ڪوٽڙي جي نجي اسڪول ۾ ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ سبب بيهوش ٿيل شاگرد اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته، حمزه علي صبح جو اسڪول ويو، جتان اطلاع مليو ته هُو بيهوش ٿي ويو هو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو هو. …

Read More »