Friday , April 26 2024

گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ ۾ بحري جهاز کي باهه لڳي وئي، 7 پورهيت سڙي زخمي

حب (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ ۾ بيٺل ناڪارا بٺيل سامونڊي جهاز ۾ اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 7 پورهيت سڙي زخمي ٿي پيا آحن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو رضاڪارن جو چوڻ آهي ته کين اطلاع مليو ته گڏاڻي جي سمنڊ ڪناري تي شپ بريڪنگ يارڊ ۾ هڪ پراڻي جهاز ۾ باهه لڳي وئي آهي، هُو جيئن ئي اتي پهتا ته باهه جهاز وڪوڙي رهي هئي ۽ اها اڃا پهرين استيج تي هجڻ ڪري ان کي وڌڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ باهه تي ضابطي آڻڻ جون ڪوشش هلندڙ آهن. ريسڪيو رضاڪارن موجب، جهاز تي ڪم ڪندڙ پورهيتن مان 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا آحن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ زخمين مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *