Friday , April 26 2024

چڪرا ڳوٺ سانحي جا شاهد پيش نه ڪرڻ تي چيف جسٽس جِي آءِ جي کي ڇنڊ

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) چڪراڳوٺ سانحي واري ڪيس ۾ شاهدن کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي، چيف جسٽس احمد علي شيخ، آءِ جي سنڌ کي عدالت ۾ سڏائي مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جي فورس جا ماڻهو مارجي ويا پر اوهان شاهدن کي عدالت ۾ پيش نه ٿا ڪيو، زخمي ٿيل پوليس اهلڪار به ته شاهد آهن انهن کي پِس ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، عدالت ڪيس جي شاهدن کي پيش ڪرڻ لاءِ ڊي آءِ جي رينڪ جي آفيسر کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چڪرا ڳوٺ ۾ 7 پوليس اهلڪارن جي قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ايم ڪيو ايم ڪارڪن گل محمد جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ شاهد پيش نه ڪرڻ تي چيف جسٽس پوليس اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس آءِ جي سنڌ جي پيش نه ٿيڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس فوري طور طلب ڪيو. چيف جسٽس چيو ته پوليس اختياريون اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ شاهد پيش نه ٿيون ڪري سگهن ته ٻين کي ڪهڙو انصاف ڏيارينديون. جوابدار جي وڪيل چيو ته چڪرا ڳوٺ ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ آهي، جوابدار گل محمد کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي. ڪجهه دير بعد آءِ جي سنڌ ڪليم امام طلب ڪرڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيو، چيف جسٽس کانئس پڇيو ته شاهد زخمين مان هوندا ۽ پوءِ اهي ڇو پيش نه ٿي رهيا آهن. عدالت آءِ جي کي چيو ته اوهان شاهدن کي ڪيس ۾ پيش ڪرڻ جو يقين ڏياريو، ڊي آءِ جي رينڪ جي آفيسر کي مقرر ڪيو، جيڪو شاهدن کي حفاظت سان عدالت ۾ پيش ڪري. جوابدار جي وڪيل چيو ته 2011 کان ڪيس هلي رهيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کي چيو ته جيڪڏهن اوهان جا جاچ آفيسر صحيح ڪم ڪن ها ته اوهان کي اچڻو نه پوي ها، آءِ جي سنڌ معافي ورتي. عدالت جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 20 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته چڪرا ڳوٺ ۾ 2011ع ۾ پوليس جي 7 اهلڪارن کي قتل ڪيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *