Friday , April 26 2024

پرويز مشرف جو مڪمل ٽرائل ضرور ٿيندو: نواز شريف

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاناما ڪيس ۾ ناهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته، هڪ چونڊيل وزيراعظم کي نااهل ڪري عدالتن جون حاضريون ڀرايون پيون وڃن ۽ آئين ٽوڙيندڙ ڊڪٽيٽر مشرف رپورش آهي ته پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته، اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن پرويز مشرف جو ٽرائيل مڪمل ٿيندو پوءِ ان ۾ 6 مهينا يا وڌيڪ وقت لڳي پر ان کي منطقي انجام تائين ضرور پهچڻ گهرجي. پرويز مشرف جي ٽرائل مان جان نه ٿي ڇٽي. اڄ يا 6 مهينن بعد پر مشرف جو ٽرائل انجام تائين پهچندو . اڳوڻي وزير اعظم چيو ته مشرف ٽرائل ۾ اوپن اينڊ شَٽ ڪيس آهي انڪري ڪري هو پاڪستان اچڻ کان لنوائي رهيو آهي، اهو سنگين غداري وارو ڪيس آهي جڏهن ته هڪ وزير اعظم 70،70 حاضريون کائي رهيو آهي ۽ ڊڪٽيٽر رپوش آهي. نواز شريف چيو ته پرويز مشرف عدالت ۾ حاضري وقت مُڪو ڏيکاريندو هو ۽ چوندو هو ته اها طاقت آهي. ن واز شريف چيو ته، مشرف 12 مئي 2017 تي اسلام آباد جسلي ۾ ڪراچي ۾ آزمايل طاقت جو اظهار ڪيو ۽ پارليامنٽ ۾ پڻ آخر ۾ مُڪو ڏيکاريو. ن ليگ جي تاحيات قائد نواز شريف وڌيڪ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مٿان تنقيد ڪندي نواز شريف چيوته عمران خان پارليامنٽ تي لعنتن جا لفظ استعمال ڪيا، جنهن مٿان لعنت وجهي رهيا هئا، ان مان ئي ڀرپور فائدو پڻ حاصل ڪيو. جيڪڏهن اهو غيرپارلياماني ناهي ته ان کي  چئبو آهي”ٿُڪي ڪري چٽي“ رهيا آهن. نواز شريف چيو ته عمران خان پارليامنٽ بابت پنهنجا لفظ ۽ عمل جي وضاحت پاڻ ڏيندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *