Friday , April 26 2024

ٽي ايم اي فيض گنج ۾ ڪرپشن، اڳوڻو ٽي او گرفتار، اهم سياسي شخصتين جي گرفتاري جو امڪان

سکر (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن فيض گنج ۾ 5 ڪروڙ رپين کان  وڌيڪ جي ڪرپشن واري اسڪينڊل ۾ نيب ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. نيب سکر جي ٽيم ڪارروائي ڪندي فيض گنج جي ٽي او پلاننگ/منصوبابندي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب سکر ڊائريڪوٽريٽ جي ٽيم ڪارروائي ڪري محمد نواز بروهي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته، محمد نواز بروهي فيض گنج ۾ ٽي او منصوبابندي خلاف 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جا الزام آهن، جن جي جاچ دوران سندس خلاف شاهديون به مليون آهن. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق احمد نواز بروهي جي ڪرپشن جا پيرا خيرپور ضلعي خاص طور تي فيض گنج تعلقي جي اهم سياسي شخصيتن ۽ سندن عزيزن ڏانهن به وڃن ٿا، انهن مان ڪجهه سياسي بااثرن خلاف نيب ۾ جاچ اڳ ۾ ئي هلندڙ آهي ۽ ڪجهه خلاف احمد نواز جي نيب کي ڏنل بيان ۽ احتساب عدالت جي ڪارروائي بعد ڪريڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو. اهڙين ڪاررواين ۾ انهن جي گرفتارين جو به امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *