Friday , April 26 2024

وفاقي وزير محمد ميان سومرو ۽ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي آمهون سامهون

منهنجي خلاف محمد ميان سومرو انتقامي ڪارروايون پيو ڪري، اعجاز جکراڻي ۽ وفاقي وزير محمد ميان سومرو آمهون سامهون

جيڪب آباد (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ وفاقي وزير محمد ميان سومرو آمهون سامهون اچي ويا آهن، اعجاز جکراڻي چيو آهي ته چونڊن ۾ ۾ مقابلو ڪرڻ تان محمد ميان سومرو جيڪب آباد ۾ منهنجو ۽ پيپلزپارٽي جي ٻين اڳواڻن جو دشمن بڻجي ويو آهي، منهنجي ۽ منهنجن ويجهن ساٿين خلاف ڪرپشن ڪيسز جو ذميوار محمد ميان سومرو آهي. ٺل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اعجاز جکراڻي چيو ته روز منهنجي خلاف نيب جو ڪو نه ڪو ڪيس آهي، چئن ڪيسن ۾ ضمانت تي آهيان، پر هيل تائين ڪو به ڪيس ثابت ڪري نه سگهيا آهن، ڪجهه هوندو ته ثابت ڪندا نه. هن چيو ته منهنجي ڪري ڪيترائي ماڻهو جيل ۾ وڌا ويا آهن، مير عباس جکراڻي بي گناهه هئڻ باوجود جيل ۾ آهي، جيڪب آباد جا ڪجهه انجنيئر به بنا جواز گرفتار ڪيا ويا آهن. اعجاز جکراڻي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پيسو کاڌو آهي ته، لڳي ٿو ان محمد ميان جو پيسو کاڌو آهي، ايترو ان کي مسئلو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *