Friday , April 26 2024

وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضي جون تياريون مڪمل

چيني سفير جي اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ۾ بُنڊار ٻيٽ تي ميگا پروجيڪٽس بابت ڳالهيون

بُنڊار ٻيٽ تي منصوبن کي سي پيڪ ۾ شامل ڪري ميگا پروجيڪٽس شروع ڪيا ويندا: ذريعا

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضا ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون، پهرين مرحلي ۾ بنڊار (ڀنڊار) ٻيٽ تي ميگا پروجيڪٽس شروع ڪيا ويندا، پرڏيهي سيڙپڪارن سان گڏ عارف حبيب، ملڪ رياض، وفاقي وزير رزاق دائود سميت مختلف سيڙپڪارن پاران منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ تيارين ۾ رڌل، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، ڪجهه ڏينهن اڳ چيني سفير ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران آصف زرداري سنڌ حڪومت پاران معاملي ۾ وڏي رنڊڪ نه بڻجڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، ٻيٽن تي منصوبن جي افتتاحي تقريب ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪندي. وفاقي حڪومت پرويز مشرف دور ۾ سنڌ جي ڏنگي ۽ بُنڊار  ٻيٽن تي قبضو ڪري دبئي جي طرز تي نوان شهر آباد ڪرڻ واري منصوبي جنهن کي سنڌ جي عوام ۽ سياسي پارٽين جي سخت مخالفت بعد سرد خاني حوالي ڪيو ويو هو؛ انهن تي تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي سرڪار پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽ بُنڊار تي ميگا پروجيڪٽس شروع ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ بنڊار ٻيٽ تي رهائشي ۽ ڪمرشل منصوبا شروع ڪيا ويندا. اعتماد جوڳن ذريعن کان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب، وفاقي حڪومت بنڊار ٻيٽ تي سيڙپڪاري کي سي پيڪ جي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ جو به فيصلو ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي سرڪار پيپلزپارٽي سان ڳالهين لاءِ وزيراعظم جي ناڻي واري وزارت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ معرفت کي ذميواري سونپي آهي.

پيپلزپارٽي جي هڪ اڳواڻ نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته “ گذريل هفتي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ شام جو زرداري هائوس اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان سندس رهائشگاهه تي چيني سفير ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ بنڊار ٻيٽ تي سيڙپڪاري سي پيڪ منصوبي ۾ شامل ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، پ پ جي ان اڳواڻ سنڌسماءَچار کي وڌيڪ ٻڌايو ته ” ان ملاقات ۾ ٻيٽن تي سيڙپڪاري واري منصوبي تي سنڌ حڪومت جي امڪاني رنڊڪ وجهڻ سميت مختلف قانوني معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، چيني سفير آصف زرداري کي ان ڳالهه تگي راضي ڪري ورتو ته بنڊار تي وفاقي حڪومت سي پيڪ جي منصوبن ۾ شامل ڪري منصوبا شروع ڪندي ته سنڌ حڪومت ان ۾ رنڊڪ نه بڻجندي“.

ڇا سنڌ حڪومت بنڊار ٻيٽ سميت ٻين سامونڊي ٻيٽن تان پنهنجي مالڪي واري قانوني ۽ آئين حق تان هٿ کڻي ويندي؟ واري سوال تي پيپلزپارٽي جي ان سينئر اڳواڻ چيو ته، “ نه سنڌ حڪومت / پ پ پ ائين هٿ نه کڻندي پر ڪجهه وڏو وزير مراد علي شاهه پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار ماڻهو آهي، اهُو ان جو ڪو نه ڪو حل ڪڍي وٺندو، آصف زرداري به مٿس اعتماد ڪري ٿو ۽ هاڻي ته وفاقي حڪومت کي به وڏي وزير کان ڪا گهڻي شڪايت ناهي رهي، انڪري قانوني رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو دڳ ڪڍي وٺندو”. ڇا پيپلزپارٽي خاموشي سان اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندي؟واري سوال تي هن چيو ته  “ اوهان ڇا ٿا سمجهو ته پيپلزپارٽي (سنڌ حڪومت نه) مشرف ۽ ارباب رحيم واري دور ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف ڪيل احتجاج جهڙو احتجاج ڪندي؟ ائين ناهي، اهو دورگذري ويو، پر ان جي باوجود پارٽي ۾ ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي ان معاملي تي پارٽي جي ٻٽي پاليسي جي مخالفت ڪري رهيا آهن، ممڪن آهي ته، پارٽي گائيڊ لائين تحت ڪجهه اڳواڻن کان هن منصوبي خلاف بيان بازي به ڏيارين”.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *