Friday , April 26 2024

نيب روهڙي ڪئنال جي لائننگ واري منصوبي ۾ ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

سکر ( خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار) نيب عدالتي حڪمن کانپوءِ روهڙي ڪئنال جي لائيننگ واري منصوبي ۾ ڪرپشڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب ٽيم روهڙي ڪينال کي لڳل ڳنڊو کولي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ  آبادگارن کي گهربل پاڻي ملي سگهندو. نيب سکر جي ٽيم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪاشف نور شيخ ۽ جنيد ٽالپر جي سربراهي ۾ انسپيڪشن لاءِ روهڙي ڪئنال پهتي، نيب ٽيم پشاور يونيورسٽي مان ٽيڪنيڪل اوزار پڻ کڻي آئي آهي،جنهن سان پاڻي جي وهڪري جو جائزو وٺي سگهبي. نيب ٽيم جو چوڻ آهي ته پاڻي جي چڪاس ڪرڻ کانپوءِ هڪ هفتي اندر رپورٽ مرتب ڪري نيب جي حوالي ڪئي ويندي.

نيب ٽيم مطابق جائزي وٺڻ کانپوءِ  آبپاشي عملدارن جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. نيب ٽيم آبپاشي کاتي داد ڊويزن جي حد تعلقي سڪرنڊ ۾ ٿيل لائينگ واري ڪم جو جائزو ورتو، لائينگ جو هي ڪم 2 سال اڳ ٿيو هو. ان کان اڳ ۾ نيب آفيسر جنيد ٽالپر ٻڌايو ته اسان کي لائينگ واري ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪر ي ڪروڙين روپين جي گهوٻين جو خدشو آهي.هن چيو ته شڪايتون ملڻ کانپوءِ داد ڊويزن جي حد ۾ ٿيل لائينگ واري ڪم جو جائزو ورتو، جيڪڏهن گهو ٻين بابت ڪي ثبوت مليا ته ملوث آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن سکر بئراج جي چيف انجنيئر نذير  مهر  ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته  هو نيب ٽيم سان سهڪار  ڪري رهيا آهن، هنن پشاور مان مشينري گهرائي نيب حوالي ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *