Friday , April 26 2024

نصر پور ۾ سستو سيڌو مهيا ڪرڻ لاءِ موبائل يوٽيلٽي اسٽور سروس شروع ٿي وئي

وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ٽنڊي الهيار ۽ نصرپور جي عوام جي خدمت جاري رکنداسين: علي پلهه

ٽنڊو الهيار( رپورٽ: سجاد حسين سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ پاران ٽنڊُ الهيار ۽ نصرپور جي عوام لاءِ لاڪ ڊائون ۽ رمضان شريف دوران سستو سيڌو مهيا ڪرڻ لاءِ موبائل يوٽيلٽي اسٽور مهيا ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ علي پلهه جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان عوام کي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. پي ٽي آءِ اڳواڻ علي پلهه، توقير ڀٽي ۽ خالد ڀاڻون چي آهي ته نصرپور جي عوام لاءِ لاڪ ڊائون جي سخت صورتحال دوران عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت سڄي سنڌ جيان ٽنڊي الهيار ضلعي جي مستحقن ۾ امدادي رقم تقسيم ٿين رهي آهي، هنن چيو ته هاڻي لاڪ ڊائون دوران عوام کي سستو ۽ معياري سيڌو سامان مهيا ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽور جي موبائلسروس شروع ڪئي وئي آهي.هنن چيو ته ٽنڊي الهيار خاص طور تي نصرپور جي عوام لاءِ وفاقي حڪومت جي سهڪار سان اڃا وڌيڪ سهولتون مهيا ڪيون وينديون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *