Friday , April 26 2024

ناڻي جي وزارت جا معاملا جيئن هليا پئي تيئن ئي هلندا: ڊاڪٽر حفيظ شيخ

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي ناڻي واري وزارت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته، ناڻي واري وزارت ۽ ملڪي معيشت جا معاملا ائين ئي هلندا رهندا جيئن اڳ ۾ هليا پئي، اسلام آباد ۾ ناڻي واري وزارت جي اختيارين سان تعارفي گڏجاڻي کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران حفيظ شيخ چيو ته، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت هن وقت تائين ٿيل تيارين جو جائزو ورتو آهي، بجيٽ ۾ خرچن ۽ آمدني وچ ۾ وڏو فرق آهي انڪري ڪوشش آهي ته، خساري کي گهٽائڻ لاءِ خرچ گهٽ ڪري آمدني وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ان لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. بجيٽ لاءِ وچ مدي واري منصوبي بابت مسودي جي تياري شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا منظوري لاءِ ڪابينا کي اماڻي ويندي ۽ نئين مالي سال جي بجيٽ کان اڳ منظُر ڪري بجيٽ ۾ شامل ڪئي ويندي. ڊاڪتر حفيظ شيخ چيو ته، حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم سان هلندڙ ڳالهين کي اتان کان اڳتي وڌائيندي جتي سندس اچڻ کان رڪجي ويون هيون، ڇو ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ڳالهين کي حتمي شڪل ڏئي م نزل تائين پهچائڻ چاهين ٿا. ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ هاڻي جون بدران مئي جي ٻئي هفتي دوران پيش ڪئي ويندي، بجيٽ جي تياري سندس لاءِ ڪو ايڏو وڏو مسئلو نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *