Friday , April 26 2024

محمد ميان سومرو لاءِ نئون ڏچو..!!

لاڙڪاڻو( رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو اين اي 196 جيڪب آباد تي پي ٽي آءِ اميدوار محمد ميان سومرو جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت اميدوار اعجاز جکراڻي جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڌرين کي 10 اگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو پ پ اميدوار اعجاز جکراڻي جي درخواست تي اين اي 196 جي چونڊ نتيجن بابت گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي محمد ميان سومري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت ڌرين کي 10 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته اين اي 196 جيڪب آباد تان تحريڪ انصاف اميدوار محمد ميان سومرو 92 هزار 274 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته پ پ اميدوار اعجاز جکراڻي 87 هزار 876 ووٽ حاصل ڪيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *