Saturday , April 27 2024

سکر بئراج جي نئين سر تتعمير ڪئي وڃي: سنڌ جا ساڃاهه وند

Fazullah qureshi

ساڃاوندن سکر بئراج جي نئين سر تعمير سميت سنڌ جون وڌيڪ رٿائون سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ ۽ صوبي ۾ تعليم عام ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ رٿا سان چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ ملڪ جا پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي ٿيندي.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سي پيڪ ۽ سنڌ ۾ ترقي جي سري هيٺ سيمينار ٿيو، جنهن کي  معاشي ماهرن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ تعليمي ماهرن خطاب ڪيو.

سيمينار کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ۽ اقتصادي ماهر فضل الله قريشي چيو ته  سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، سنڌ مان پيدا ٿيندڙ بجلي پنجاب ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته  صوبي جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، ملڪ کي70 سيڪڙو آمدني ڏيندڙ صوبي کي جائز حصو  نه پيو ڏنو وڃي.

سندس چوڻ هو ته سي پيڪ تحت جوڙيل ٽرانسپورٽ جي 10 رٿائن مان سنڌ کي صرف 2 رٿائون ڏنيون ويون آهن، ان ڪري صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وڌيڪ رٿائن کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ڊي جي سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ ڊاڪٽر تنوير قريشي چيو ته سي پيڪ سان چين ۽ انڊونيشيا وچ ۾ فاصلو 14 هزار ڪلوميٽرز مان گهٽجي 32 سئو ڪلوميٽر رهجي ويو آهي.

هن چيو ته پاڪستان حڪمراني جي معيار جي لحاظ سان دنيا جي 189 ملڪن مان 138 نمبر تي آهي، سي پيڪ سان عام ماڻهن کي توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ عوام کي  فائدو ٿيندو.

هن مطالبو ڪيو ته سي پيڪ رٿا مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ تعليم عام ڪئي وڃي.

سول سوسائٽي جي اڳواڻ قاضي جاويد  چيو ته سنڌ ۾ ماڻهن کي زهريلو ۽ گٽرن جو مليل پاڻي پياريو پيو وڃي، سکر بئراج کي نئين سر تعمير ڪرڻ واري رٿا کي به  سي پيڪ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ڪراچي يونيورسٽي جي وائس چانسلر  پروفيسر اجمل خان چيو ته سي پيڪ سان چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ ملڪ جا پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي ٿيندي ۽ عام ماڻهن کي فائدو پوندو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *