Friday , April 26 2024

سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ، ن ليگ ۽ پ پ جو سڌو مقابلو ٿيندو

سينيٽ چونڊن کانپوءِ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين آڻڻ لاءِ سياسي پارٽين ۾ رابطا تيز ٿي ويا آهن، آصف زرداري جي قيادت ۾ پ پ وفد اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري کيس سندس اميدوار جي حمايت جو مطالبو ڪيو آهي، آصف زرداري چيو آهي ته هو رضا رباني کي ٻيهر سينٽ چيئرمين طور نٿا آڻي سگهن.  اسلام آباد ۾ آصف زرداري جي قيادت ۾ پ پ وفد جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب ملاقات دوران آصف زرداري مولانا فضل الرحمان کي پ پ جي اميدوار جي حمايت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ذريعن موجب پيپلزپارٽي پاران سليم مانڊوي والا کي سينيٽ چيئرمين لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي ۽ فضل الرحمان کي سليم مانڊوي والا جي حمايت جو مطالبو ڪيو ويو. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل فيصلي ۾ رضا رباني جي حمايت ڪرڻ واري معاملي بابت به آصف زرداري کي آگاهي ڏني.

ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري نواز شريف جي رضا رباني کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي. آصف علي زرداري چيو ته هو پنهنجي اميدوار جي حمايت بابت مولانا فضل الرحمان کي چيو آهي جنهن سندن حمايت لاءِ اتحادين سان ملاقات لاءِ وقت گهريو آهي. صحافي جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته هو نوازشريف جي تجويز تي عمل نٿا ڪري سگهن، هو پنهنجي مرضي جو سينيٽ چيئرمين آڻيندا.آصف علي زرداري چيو ته فضل الرحمان سان سندس پراڻي دوستي آهي، اميد آهي هو هميشه جيان سندن ساٿ ڏيندو. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته سينيٽ چيئرمين جي معاملي تي نوازشريف اجلاس گهرايو هو جنهن ۾ ڪجهه تجويزون سامهون آيون هيون ۽ آصف زرداري جون به ڪجهه تجويزون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته پارٽي اجلاس ۾ آصف زرداري جي تجويزن تي غور ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *