Friday , April 26 2024

سنڌ ۾ مريضن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ صرف 144 وينٽيليٽرز آهن: سنڌ حڪومت

سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ 383 ورڪنگ وينٽيليٽرز مان ڪرونا جي مريضن لاءِ صرف 144 وينٽيليٽرز موجود هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪرونا جي مريضن جي انتهائي سار سنڀال لاءِ صرف هڪ سئو چوئيتاليهه وينٽيليٽرز آهن، اهڙو اعتراف سنڌ جي صحت کاتي پنهنجي نمائندي معرفت سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل جواب ۾ ڪيو آهي. ڪرونا کي منهن ڏيڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران لاءِ اڻپورن انتظامن خلاف پاڻمرادي نوٽيس واري معاملي  جي ٻڌڻي دوران جواب ۾ ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، گلزار احمد جي سربراهي ۾ پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي 11 يوسيز کي ڪورونا جا ڪيس 234 تائين وڌڻ بعد سيل ڪيو، صحت کاتي سنڌ جي رپورٽ مطابق صوبي ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن لاءِ رڳو 144 وينٽي ليٽر موجود آهن، صوبي جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ 383 ورڪنگ وينٽي ليٽرز آهن، 144 وينٽي ليٽرز ڪورونا مريضن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا جي ڳڻتي جوڳن مريضن جو انگ 21 آهي. رپورٽ موجب، سڄي صوبي ۾ 16 هزار 920 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، ڪراچي جي 11 يونين ڪائونسلز کي 86 مان وڌي 234 ڄڻن کي ڪورونا وائرس ٿيڻ جي ڪري سيل ڪيو ويو. رپورٽ موجب، 11 يونين ڪائونسل جي آباد 6 لک 74 هزار کان وڌيڪ آهي، 11 يونين ڪائونسز ۾ 6 هزار 673 راشن بيگ ورهايا ويا آهن. رپورٽ موجب، سڄي صوبي ۾ هڪ واضح طريقيڪار موجب 2 لک 50 هزار ماڻهن ۾ راشن ورهايو ويو، صوبي ۾ هڪ هزار 56 آئسوليشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب حڪومت پاران به رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *