Friday , April 26 2024

سنڌ جي اهم ڪاموري پاران سنڌ ۾ ڪرونا جا 5 هزارن کان وڌيڪ شڪي ڪيسز جو انڪشاف

خوف آهي ته صورتحال خراب ٿيڻ جي صورت ۾ اسان ماڻهن کي ڪورنٽائين ۾ رکي نه سگهنداسين، پاڻي جي بالٽي ڏيڻ به مشڪل بڻجي ويندو:ڪاموري جو مبينا آڊيو پيغام

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) “سنڌ ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ڪرونا وائرس جا شڪي مريض موجود آهن، خطرو آهي ته ڪٿي سنڌ حڪومت جي صحت جي سهولتن جي کوٽ وڏي پريشاني جو سبب نه بڻجي وڃي” سنڌ جي هڪ ڪاموري جومبينا آڊيو پيغام ۾ انڪشاف. ملڪ سميت سنڌ ۾ پکڙيل ڪرونا وائرس بابت سنڌ حڪومت ان ڪاموري پاران ڪرونا جي صورتحال بابت واٽس ايپ جي هڪ گروپ ۾ ڪيل مبينا آڊيو پيغام ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال بابت تفصيل ٻڌائي رهيو آهي، آڊيو پيغام ان واٽس ايپ گروپ ۾ مجيب نالي هڪ شخص(ممڪن آهي ته اهو  ڪامورو هجي) کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته، “ مجيب صاحب؛ جيڪا صورتحال آهي اها گهڻي ڳنڀير ٿي چڪي آهي، وڏو وزير اسان کي آگاهه ڪندو رهي ٿو، پنهنجي آڊيو پيغامن ۾ يا ٽي وي چئنلز تي ، آءُ اوهان کي صرف  وقت سنڌ جي صورتحال بابت آگهه ڪندس، اڄ سعيد غني جو ڪيس پازيٽو آيو آهي، ان ڪيس جي پازيٽو اچڻ ڪري سعيد غني سان هيل تائين ميل ملاقات ڪندڙ 50 کان وڌيڪ ڪامورا شامل آهن، اُهي سڀ جو سڀ ڪورنٽائين/ آئسوليشن ۾ هليا ويا آهن، سعيد غني سان ملاقاتن ڪندڙن ۾ ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سلمان شاهه به ڪورنٽائين / آئسوليشن ۾ آهي”، آڊيو پيغام ۾ ڏيندڙ ڪامورو وڌيڪ چوي  ٿو ته، “ اسان کي ته اهو خوف آهي ته ڪٿي اسان جون صحت جون سهولتون ڪوليپس نه ڪري وڃن، نه اسان وٽ پيپيز/ پرسنل پروٽيڪشن ايڪيوپمينٽس آهن، نه اسپتالن ۾ وينتيليٽرز آهن، هن وقت اسان وٽ آئسوليشن سينٽرز لاءِ صرف پنج هزار بيڊز موجود آهن ۽ 8 هزار وڌيڪ بيڊز جو آرڊر ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ اسان وٽ بيڊز جو تعداد 8 هزار ٿي ويندو، ڪورنٽين ۾ پنج هزار بيڊ ڏنا آهن اٺ هزار جو آرڊرز ڏنو آهي”.

سنڌسماءَچار کي مليل آڊيو پيغام ۾ اهو به چيو ويو آهي ته، “ سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن جي اڳئي حالت خراب آهي، بجيٽ آهي ڪو نه انڪري سواءِ پگهارن ۽ ۽ پينشنز جي ٻيون سموريون ادائگيون فوري طور تي روڪيون ويون آهن، ملڪي معاشي صورتحال به خراب آهي، سنڌ حڪومت وٽ 40 هزار ماڻهن کي ڪورنٽائين سهولتون آهن، پر صورتحال خراب ٿيڻ جي صورت ۾ اهو انگ 80 هزارن تائين پهچي ويندو، جيڪڏهن موجود صورتحال جيئن جو تيئن رهي ته اهڙي صورتحال به پيدا ٿي سگهي ٿي؛ مريضن کي بچائڻ لاءِ پيرائرٽي جوڙڻي پوندي ته ڪهڙي عمر تائين جي ماڻهن کي اڳ ۾ بچايون ۽ ڪهڙن کي ڇڏي ڏيون، سوچينداسين ته هي 50 سالن کان مٿي آهي ان کي ڇڏيو، هي نوجوان آهي ان کي بچايو وڃي، وينٽيليٽرز جي سخت ضرورت آهي”. آڊيو پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته “ اسان وٽ سهولتن جي ايتري کوٽ آهي جو اسان وٽ متاثرن کي ڪورنٽائين ڪرڻ جي صورت ۾ انهن کي ڏيڻ لاءِ بالٽي ڪونهي، باٿ رومز جي سهولت ڪونهي، انهن کي ڏيڻ لاءِ وهنجڻ جي سهولت جو مڪمل بندوبست ناهي، هن سڄي صورتحال کان بچڻ لاءِ هڪڙو ئي وسيلو ۽ حل آهي، اهو آهي احتياط، گهرن تائين محدود رهڻ، ماڻهن کي احتياط ڪرڻ لازمي آهي.” ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري جي پي ايس کي واٽس ايپس ذريعي موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جو ڪو به جواب نه مليو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *