Friday , April 26 2024

دادي ليلا به وڇڙي وئي، بدين ۾ آخري رسمون ادا ڪيون ويون

Dadi leela 01

سنڌ جي ناليواري تعليمي ماهر دادي ليلا جون آخري رسمون حيدرآباد ۾ ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ سياسي سماجي، ادبي ڌرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. بدين اسٽاپ وٽ مساڻ ۾ دادي ليلا  جي آخري رسمون ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ نصير مرزا، نظير قاسمي، جاويد جوڻيجو، ڊاڪٽر چنديرام سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. دادي ليلا سنڌ جي پهرين عورت  جيڪا اسيمبلي ميمبر هئي، هن  ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا هئا.

گذريل ڏينهن دادي ليلا  102 سالن  جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري وئي،سندس آخري رسمون حيدرآباد ۾ ادا ڪيون ويون.داديءَ ليلا جو تعلق پڙهيل لکيل خاندان سان هو. هوءَ راڳ جي ڄاڻو، شاهه جي شيدائي ۽ رسالي جي پارکو هئي، دادي ليلا  شاهه لطيف جون ڪافيون ۽ بيت اُڪير سان ڳائيندي هئي. دادي ليلا ميوزڪ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي، بي اي ۽ ايم اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين،سندس خدمتون سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ اهم آهن،ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پرنسپال کان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر  ٿيڻ تائين پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي سربراهي سنڀالي. سندس خدمتن جي عيوض هند توڙي سنڌ مان کيس ايوارڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو. ڪجهه سال اڳ کيس صدارتي ايوارڊ به مليو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *