Friday , April 26 2024

تبديلي سرڪار ڏچي ۾، ايم ڪيو ايم جي پرچڻ کان اڳ جي ڊي اي ناراض

تبديلي سرڪار ڏچي ۾، ايم ڪيو ايم جي پرچڻ کان اڳ جي ڊي اي ناراض، وفاق ۽ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي اتحادي قاف ليگ به حڪومت کان نارض ٿي وئي

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جي تبديلي سرڪار لاڳيتو دٻاءَ هيٺ آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفاقي حڪومت کان ناراض ٿيڻ کانپوءِ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس( جي ڊي اي) مسلم ليگ ق به پي ٽي آءِ کان ناراض ٿي ويون آهن. وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ اسد عمر جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ وفد ايم ڪيو ايم مرڪز بهادرآباد پهچي ڳالهيون ڪيون، پر خالد مقبول صديقي ملاقات دوران وفاقي ڪابينا ۾ واپسي کن انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو معاملو اڃا تائين حل ئي نه ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اتحادي جي ڊي اي به ناراض ٿي ويو آهي. جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت صرف ڪراچي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، پر اها سنڌ جي باقي ٻئي ڪنهن به حصي اها اهميت نه پئي ڏئي جيڪا ڏيڻ گهرجي. جي ڊي اي پارا نارضگي کانپوءِ وزيراعظم جي هدايت تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ڪنگري هائوس جي ياترا تي پهچي جي ڊي اي جون شۡايتون ٻڌيون ۽ سندن خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ٻئي پاسي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت ۾ پي ٽي آءِ جي اتحادي جماعت قاف ليگ به تبديلي سرڪار کان ناراض ٿي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *